10/09/2026
2010ع جي ٻوڏ متاثرن جي آبادڪاري تي اياز لطيف پليجو جو سخت سوال!
اياز لطيف پليجو چيو ته 2010ع جي ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو وڃي ها، پر ماڻهن کي وطن ڪارڊ جي آسري زوريءَ ڳوٺن ڏانهن موڪليو ويو. سندس چوڻ موجب جيڪڏهن متاثرن کي ان وقت آباد ڪيو وڃي ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها. هن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ڊاهڻ بدران سنڌ جي اصل ڌڻين کي آباد ڪيو وڃي.