22/08/2026
دادو: سوناري جي دڪان تان 10 تولا سون چوري ڪندڙ 3 عورتون گرفتار
دادو ۾ سوناري اعجاز شيخ جي دڪان تي گراهڪ بڻجي آيل ملتان واسي ٽن عورتن مبينا طور 10 تولا سون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي دڪاندار ۽ ماڻهن پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب گرفتار عورتن ۾ فوزيا، صفيا ۽ نظيران شامل آهن، جن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو.
چوري ٿيل سون جي ماليت 50 لک رپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي.