15/07/2026
جڏهن تعليم واري وزير واضح طور اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته 8636 سڀئي جونيئر سائنس ٽيچر اميدوار ڪامياب آهن، ته پوءِ ڊي اي او ڪشمور جهانگير بنگلاڻي خالي جاين جي پوزيشن ڇو گهرائي رهيو آهي؟
جيڪڏهن سڀئي 8636 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن، ته پوءِ خالي جاين جي تفصيل طلب ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي؟
هي عمل ڪامياب اميدوارن ۾ بيچيني ۽ خدشا پيدا ڪري رهيو آهي ته متان مستقبل ۾ انهن خالي جاين کي بنياد بڻائي سندن مقررين ۾ رڪاوٽون وڌيون وڃن يا غيرضروري دٻاءُ وڌو وڃي.
اسان تعليم کاتي کان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور هن معاملي جي وضاحت ڪئي وڃي، مقرريون مڪمل شفافيت ۽ ميرٽ تحت ڪيون وڃن، ۽ ڪنهن به انتظامي اختيار جو غلط استعمال ٿيڻ نه ڏنو وڃي، جيئن سڀني ڪامياب اميدوارن جا حق محفوظ رهن.