15/04/2026
نيوز رپورٽ
رپورٽ: محمد سعيد راڄپر
گورنمينٽ هاءِ اسڪول بصيرو جو دورو، شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا
بصيرو: سماجي ۽ تعليمي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جي سلسلي ۾ معروف شخصيت ياسين علي راڄپر گورنمينٽ هاءِ اسڪول بصيرو جو دورو ڪيو، جتي هيڊ ماسٽر بخشل علي راڄپر پڻ ساڻس گڏ موجود هئا۔
دوري دوران اسڪول ۾ هڪ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڇهين کان ڏهين درجي تائين امتحانن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا۔ ان موقعي تي شاگردن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو ۽ انهن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي۔
ياسين علي راڄپر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تعليم ئي ترقي جو واحد ذريعو آهي، ۽ شاگردن کي گهرجي ته هو پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ دل لڳائي پڙهن۔ هن وڌيڪ چيو ته حڪومت طرفان ڪتابن جي فراهمي ته ڪئي وڃي ٿي، پر ڪيترائي مستحق شاگرد اڃا تائين بنيادي ضرورتن جهڙوڪ اسڪول جا جوتا، بيگز ۽ ٻين تعليمي سهولتن کان محروم آهن، جنهن لاءِ گڏيل ڪوششن جي سخت ضرورت آهي۔
هن اسڪول انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته محدود وسيلن باوجود شاگردن کي معياري تعليم ڏيڻ هڪ وڏو ڪارنامو آهي۔
تقريب جي آخر ۾ شاگردن ۽ استادن پاران مهمانن جو ٿورائتو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته اميد ظاهر ڪئي وئي ته اهڙيون سرگرميون مستقبل ۾ به جاري رهنديون، جيڪي شاگردن جي حوصلا افزائي ۽ تعليمي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون۔