10/06/2026
کپرو لڳ ڳوٺ وهنيو دڙو.
جٿي سرڪاري ڳوٺ جيڪو 200 سالن کان آباد آهي.
جٿي 500 گھر غريب پسماندہ ڀيل برادري جي ماڻهن جا آباد آهن. اتي جي قبضا مافيا جيڪو مسلسل غريب ماڻهن کي حراسميت، تنگ ڪري 25 ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس ڪري پنهنجا
ماڻهو موڪلي غريب ماڻهن کي پريشان ڪري غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي
اتي ڀرپاسي ۾ زميندار ٺڪر آهي جيڪو اتي درسن جي مدد سان غيرقانوني طريقي سان 7000 هزار ماڻهن کي بي گهر ڪري اهو ڳوٺ جيڪو تقريبن 80 کان 90 ايڪڙن تي آباد آهي. انهي تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.
انهي ڏاڍ زوري خلاف ڀيل برادري جي مردن ۽ عورتن پريس ڪلب کپرو پھچي اجتجاج ڪيو.
اسان گورنمينٽ آف سنڌ
اتي جي چونڊيل نمائندن کي عرض ڪيو ٿا. ته مهرباني ڪري غريب مسڪين ماڻهن سان انصاف ڪيو وڃي.
ٻئي صورت ۾ اسان (بي آئي ايف) سنڌ جي پليٽ فارم تان پوري سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏينداسين. پاران : (بي آئي ايف) ضلعو ميرپورخاص