𝐌𝐞𝐠𝐡 𝐌𝐞𝐝𝐢𝐚 𝐏𝐚𝐤𝐢𝐬𝐭𝐚𝐧

  • Home
  • Pakistan
  • Kunri
  • 𝐌𝐞𝐠𝐡 𝐌𝐞𝐝𝐢𝐚 𝐏𝐚𝐤𝐢𝐬𝐭𝐚𝐧

𝐌𝐞𝐠𝐡 𝐌𝐞𝐝𝐢𝐚 𝐏𝐚𝐤𝐢𝐬𝐭𝐚𝐧 ميگهه ميڊيا پاڪستان ميگهواڙ ڪميونٽي جو آواز پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ميگھواڙ ڪميونٽي جو خبرون ڏسڻ لاء ھن پيج کي فالو ڪري شيئر ڪيو🙏

30/09/2026

ڇاڇرو: ميگهواڙ برادري جو بااثرن خلاف احتجاج

ڇاڇرو: ڇاڇرو جي ڳوٺ سوجي جو تڙ جي رهواسين مينگهواڙ برادري جي ماڻهن پاران بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

ڇاڇرو: روشن ميگھواڙ، لکومل، ڀاڳچند ۽ ٻين پاران بااثرن وڏيرن جي ذيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ناانصافين خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي

ڇاڇرو: ميگھواڙ برادري جي ماڻهن الزام هڻندي چيو ته حاجي شاھ، محبوب شاھ، خان محمد، مظفر شاھ ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي

ڇاڇرو: سرڪاري زمينن تي قبضي خلاف اسان ڊي سي ٿرپارڪر کي درخواست ڏني جنهن بعد اسانجي ڌنارن تي تشدد ڪري جبري ٻنين جو ڪم ڪرايو وڃي ٿو منع ڪرڻ تان هڪ ڌنار کي حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي جيڪو حيدرآباد ۾ علاج هيٺ آهي. ميگھواڙ برادري

ڇاڇرو:ڪالھ بااثرن حملو ڪري سوائي پٽ بلال ميگھواڙ کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جيڪو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل آهي وس وارا نوٽيس وٺي انصاف ڪن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ميگھواڙ برادري.

اگم اگوچر ايڪ هي نام روپ سي پار!! سو ميرا گرو ديو هي ۾ وندن ڪرون چت ڌار!!! پريئ سجنو:- جيئن ت سرومڻي سنت شري شري 108 سنت...
27/09/2026

اگم اگوچر ايڪ هي نام روپ سي پار!!
سو ميرا گرو ديو هي ۾ وندن ڪرون چت ڌار!!!

پريئ سجنو:-
جيئن ت سرومڻي سنت شري شري 108 سنت ٻاپو کيتارام هنس نرواڻ صاحب جن جو اوڻونجها 49 مهان اتسو مهينو بڍو تٿ انڌاري اڱيارس وار منڱل برابر انگريزي تاريخ06.10.2026 شام سنت شري ٻاپو کيتارام جنم ڀومي هنس نرواڻ آشرم ڳوٺ ڍنڍورو uc ويراواه تعلقو ننگر پارڪر ۾ نهايت پريم ۽شردا سان ملهائي رهيا آهيون جنهن ۾ سجي رات ستسنڱ ڀجن ڀاوه پرشاد ۽ پوج بنڊارو به جاري رهندو توهان
سڀني پريمين کي دل جي ڳهراين سان ستسنگ جو وائيڪ ڏجي ٿو اميد ت شريڪ ٿي شيوا جو موقعو ڏيندا ت ڌنيواڌ ۔
پاران نرواڻي شيوڪ۽هندو پنئچات ڳوٺ ڍنڍورو لڳ ڏانوڌاندل!!!۔
رابطي لاء 03352027188

27/09/2026

History of Rama Pir Temple Kasbo


🏆🎓 جيت اسان جي ريت آهي! 🎓🏆جڏهن به ڪٿي ميرٽ تي نتيجو سامهون اچي ٿو، اتي اڪثر ڪري ميگھواڙ ڪميونٽي جا باصلاحيت نوجوان نه رڳ...
27/09/2026

🏆🎓 جيت اسان جي ريت آهي! 🎓🏆
جڏهن به ڪٿي ميرٽ تي نتيجو سامهون اچي ٿو، اتي اڪثر ڪري ميگھواڙ ڪميونٽي جا باصلاحيت نوجوان نه رڳو نمايان نظر اچن ٿا، پر پنهنجي محنت ۽ قابليت سان پوزيشنون پڻ حاصل ڪن ٿا.
اويناش دليپ ڪمار سوجاڻي ۽ شارڌا ڪماري 175,175 مارڪس کڻي 5th پوزيشن حاصل ڪئي آهي.
پر مسٽر راڪيش گيناڻي شاندار ڪاميابي جو هڪ روشن مثال آهي، جنهن MDCAT امتحان ۾ 180 مان شاندار 178 مارڪون حاصل ڪري پنهنجي قابليت جو ڀرپور ثبوت ڏنو.
🥇 ٿرپارڪر مان پهرين پوزيشن
🥈 پوري سنڌ مان ٻي پوزيشن
راڪيش جو اصل ڳوٺ گونگيو آهي پر ھن وقت چيلھار شھر ۾ ٻارن جي تعليم لاءِ رھن پيا.
هي ڪاميابي صرف راڪيش جي ذاتي محنت جو نتيجو ناهي، پر سندس والدين، استادن ۽ پوري ڪميونٽي لاءِ پڻ فخر جو لمحو آهي.
راڪيش جي هي شاندار ڪاميابي اسان جي نوجوانن لاءِ واضح پيغام آهي ته محنت، ميرٽ ۽ تعليم کي پنهنجو رستو بڻايو؛ ڪاميابي پاڻ توهان جي سڃاڻپ بڻجي ويندي.
✨ جيت اسان جي ريت آهي — ۽ تعليم اسان جي طاقت آهي! ✨
راڪيش ۽ سندس خاندان کي دل جي گهراين سان تمام گهڻيون واڌايون ۽ نيڪ تمنائون.
❤️🎓🏆🎓 Victory Is Our Tradition! 🎓🏆
Whenever a merit-based result is announced, the talented youth of the Meghwar Community often stand out—not only by achieving outstanding marks but also by securing top positions.
Mr. Rakesh has once again demonstrated this spirit of excellence by securing an outstanding 178 marks out of 180 in the MDCAT examination.
🥇 1st Position in Tharparkar
🥈 2nd Position across Sindh
This remarkable achievement is not only a matter of pride for Rakesh and his family, but also an inspiration for the entire community.
His success sends a powerful message to our young generation: with education, hard work, dedication, and merit, no achievement is beyond reach.
✨ Victory is our tradition — and education is our strength! ✨
Heartiest congratulations to Rakesh and his family on this outstanding achievement. May he continue to achieve greater success and make his family, community, and Tharparkar proud. ❤️🎓

ٿر ڇاڇرو جي شارڌا ڪماري ميگھواڙ ايم ڊي ڪيٽ ۾  180 مان 175 مارڪون کڻي نمايان پوزيشن حاصل ڪري ورتي سندس والد ڊاڪٽر ڪيول ڪم...
26/09/2026

ٿر ڇاڇرو جي شارڌا ڪماري ميگھواڙ ايم ڊي ڪيٽ ۾ 180 مان 175 مارڪون کڻي نمايان پوزيشن حاصل ڪري ورتي سندس والد ڊاڪٽر ڪيول ڪمار سکاڻي ۽ سموري پريوار کي لک لک واڌايون

26/09/2026

ڊگھڙي ڪامريڊ خوشحال ميگھواڙ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا.

Khushhal Meghwar

26/09/2026

پوليس کاتي ۾ جن دوستن کي آفر آرڊر مليا تمام گهڻي خوشي ٿي سڀني دوستن کي اڻڳڻيون مبارڪون ھجن.
ميگھ ميڊيا پاڪستان
🌹🌹

ٿرپارڪر ضلعي سان تعلق رکندڙ راڪيش ڪُمار ولد ليکو ميگهواڙ کي پوري ﺳﻨﮅ ۾ IBA Sukkur پاران MDCAT لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ ٻئين پوزي...
26/09/2026

ٿرپارڪر ضلعي سان تعلق رکندڙ راڪيش ڪُمار ولد ليکو ميگهواڙ کي پوري ﺳﻨﮅ ۾ IBA Sukkur پاران MDCAT لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ ٻئين پوزيشن ۽ ٿرپارڪر ضلعي مان پهرين پوزيشن کڻڻ تي لک لک مبارڪون هجن.

محبوب قائد  ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ صاحب ۽ انجنيئر گيانچند صاحب ٿاھراڻي  صاحب جواني جون يادگريون.
06/09/2026

محبوب قائد ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ صاحب ۽ انجنيئر گيانچند صاحب ٿاھراڻي صاحب جواني جون يادگريون.

گمشدگيءَ بابت اهم اطلاع نالو  نارائڻ عرف نايون ميگهواڙ ڳوٺ مئو  کپرو ذهني حالت ٺيڪ نه هجڻ سبب ڪ رات 3 وڳي  نيو ڪراچي پاو...
06/09/2026

گمشدگيءَ بابت اهم اطلاع
نالو نارائڻ عرف نايون ميگهواڙ
ڳوٺ مئو کپرو
ذهني حالت ٺيڪ نه هجڻ سبب ڪ رات 3 وڳي نيو ڪراچي پاور هائوس کان گم ٿي ويو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن دوست يا شهري کي هي نوجوان نظر اچي ته مهرباني ڪري سندس وارثن سان هن نمبر تي فوري رابطو ڪري:
📞 0349-3536386
مهرباني ڪري هي پوسٽ وڌ کان وڌ شيئر ڪريو، شايد توهان جي هڪ شيئر سان نارائڻ پنهنجي گهر وارن تائين واپس پهچي وڃي. 🙏
پوسٽ وڌ کان وڌ شيئر ڪيو

Address

Kunri
69160

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when 𝐌𝐞𝐠𝐡 𝐌𝐞𝐝𝐢𝐚 𝐏𝐚𝐤𝐢𝐬𝐭𝐚𝐧 posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to 𝐌𝐞𝐠𝐡 𝐌𝐞𝐝𝐢𝐚 𝐏𝐚𝐤𝐢𝐬𝐭𝐚𝐧:

Shortcuts

Share