Voice Against Drugs

Voice Against Drugs Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Voice Against Drugs, Social Media Agency, سجاول ميرپور بٺورو, Mirpur Bathoro.

جيئي سنڌ ساٿيون...!وائيس اگينسٽ ڊرگس ڪميٽي منشيات خلاف سگهاري مان سگهارو آواز بلند ڪرڻ چاهي ٿي جنهن ۾ توھان سنڌ واسين جو...
14/04/2026

جيئي سنڌ ساٿيون...!
وائيس اگينسٽ ڊرگس ڪميٽي منشيات خلاف سگهاري مان سگهارو آواز بلند ڪرڻ چاهي ٿي جنهن ۾ توھان سنڌ واسين جو ساٿ اسان جي لاءِ تمام ضروري آھي.
جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توھان جي شهر ،ڳوٺ،ضلعو مان چرس ، آفيم ، آئيس ، هيروئن سميت سڀ منشيات ختم ٿئي ته توھان کي اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.
سنڌ جي نوجوانن کي هي رياست ، وڏيرا هي زهر منشيات ڏئي ڪري ختم ڪرڻ چاهين ٿا پر اسين اهو بلڪل نه ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ جا نوجوان هميشه تاريخ ۾ بهادر لکجي آيا آھن ، سنڌ تي تاريخ ۾ ورجائي لکيل آهي ته اٺ هزار حملا ٿيا آھن پر سنڌ اڄ به هن دنيا جي نقشي تي قائم آھي ، اهو سنڌين جي بهادري جو چٽو ثبوت آهي.
ايئن ئي منشيات به پاڻ مٿان هڪ حملو آهي جنهن کي تاريخ جيا جدوجھد ڪري اسان کي ختم ئي ختم ڪرڻو پوندو، پاڻ کي نه ڪنھن حڪمران مان اميد رکڻي آهي نه ئي ڪنهن وڏيري ڀوتار مان ڇو جو اهي هي هن گندي ڪاروبار جا ساٿاري بڻجي ويٺا آهن.
اچو ته گڏجي سنڌ ۾ منشيات لاءِ آواز بلند ڪريون ۽ تاريخ ۾ پاڻ کي هڪ سچو قومي مدد گار شخص بڻايو.
اسان جي هن ڪميٽي ۾ پنھنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي فارم برايون.👇👇👇
https://forms.gle/4MaRVNS8f7FuLuUq7

يا هن واٽسپ نمبر تي رابطو ڪريو 👇👇👇
03433064134
فرحان سومرو

وائيس اگينسٽ ڊرگس ڪميٽي مرڪز

(پ ر)فیبروری 02 2025اڄ ڏينھن سومر تي وائيس اگينسٽ ڊرگس ڪميٽي پاران ڪراچي جمشيد روڊ مرڪز آفيس ۾ ڪميٽي ڪريٽيڊ ميمبر سڪندر ...
02/02/2026

(پ ر)
فیبروری 02 2025
اڄ ڏينھن سومر تي وائيس اگينسٽ ڊرگس ڪميٽي پاران ڪراچي جمشيد روڊ مرڪز آفيس ۾ ڪميٽي ڪريٽيڊ ميمبر سڪندر سومرو جي اڳواڻي ۾ اھم اجلاس ٿي گذريو

جنهن ۾ ٻن سالن لاءِ نوان مرڪزي عهديدار چونڊيا ويا تہ ڪميٽي کي نون ساٿين ﺟﻲ حوالي ڪجي تہ هو هن ڪميٽي کي سگهاري جدوجھد سان سگهارو ڪري سگهن
مرڪزي صدر: پرويز سومرو
مرڪزي سينئر نائب صدر: فرحان سومرو
مرڪزي نائب صدر: سلمان سومرو
مرڪزي جنرل سيڪريٽري: الطاف ميمڻ
مرڪزي پريس سيڪريٽري: احسان مگسي
مرڪزي ماليات سيڪريٽري: شهباز سومرو
رابطا سڪريٽري: حسنين شيخ

آخر ۾ سڀنين مرڪزي آيل نئين ساٿين جو چوڻو هو تہ اسين سڀ ملي ڪري هن منشيات کي ختم ڪرڻ چاهيون تہ بہ هي منشيات جو ڪاروبار ختم نٿو ٿي سگھي ڇو تہ جيسيتائين هي عوام پنھنجو ساٿ نہ ڏيندي تہ پنھنجو هر جدوجھد نا ڪام ويندي پهرين پاڻ سڀنين کي عوام جو ساٿ کپي تنهن ڪري مرڪزي صدر پرويز سومرو اهو اعلان ڪيو آ تہ اسان کي ڳوٺن ۾ وڃڻو پوندو هر ماڻهون کي اهو ٻڌائڻو پوندو ته اسان جو ساٿ ڏيو اسين توھان جي ٻچن جو مستقبل بچائڻ نڪتا آهيون تنهن ڪري هر مرڪزي عهديدار سميت هر ميمبر کي پابند ٿو ڪجي ته ڳوٺن ۾ وڃو نون شهرن ۾ وڃو ۽ نوان ميمبر حاصل ڪري پنهنجي ڪميٽي کي سگهارو ڪيو

پريس ترجمان
احسان مگسي

Address

سجاول ميرپور بٺورو
Mirpur Bathoro
73030

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Voice Against Drugs posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share