28/09/2026
ميرواهه گورچاڻي: شجاع آباد ڪمپليڪس ۾ اي ايس پي عبدالرب جي اڳواڻي ۾ کلي ڪچهري، عوام جا مسئلا ٻڌي ڪارروائي جا حڪم: ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص جي هدايتن تي شجاع آباد ڪمپليڪس ۾ اي ايس پي عبدالرب جي اڳواڻي ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد شهرين جا مسئلا ٻڌڻ، شڪايتن جو ازالو ڪرڻ ۽ پوليس توڙي عوام وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ هو. کلي ڪچهري ۾ ڊي ايس پي شجاع آباد محمد امين جوڻيجو، ايس ايڇ او ميرواهه قربان راجڙ، ايس ايڇ او تعلقه موجيب ناريجو ، غازي خان چانگ سميت پوليس آفيسرن ۽ عملي سميت سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ علائقي جي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهرين ۽ صحافين پاران منشيات جي وڪري، چورين، ڦرن، پلاٽن تي مبينا قبضن ۽ پوليس حدن بابت مختلف شڪايتون پيش ڪيون ويون. اي ايس پي عبدالرب منشيات جي روڪٿام ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي سخت ۽ ترت ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون. اي ايس پي عبدالرب عوام کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن ڪنهن شهري جي شڪايت ايس ايڇ او يا ڊي ايس پي جي سطح تي حل نه ٿئي ته هو سڌو سنئون ساڻس رابطو ڪري سگهي ٿو.
کلي ڪچهري دوران صحافي ارشد رستماڻي پاران ڇهن سالن جي معصوم آمون ڀيل سان پيش آيل زيادتي ۽ قتل واري ڪيس بابت پڻ معاملو اٿاريو ويو. شڪايت تي اي ايس پي عبدالرب فائل طلب ڪري لاڳاپيل پوليس آفيسر کي ڪيس جي ٻيهر جاچ ۽ قانون موجب ڪارروائي جون هدايتون ڏنيون.
صحافي اسماعيل خلجي پاران پلاٽ تي مبينا قبضي بابت شڪايت تي به ٻنهي ڌرين کي گهرائي قانون موجب مسئلو حل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون.
واپاري اڳواڻ خليل احمد آرائين پاران ديهه 140 ۽ 145 جي پوليس حدن بابت نشاندهي ڪئي وئي، جڏهن ته صحافين ۽ يو سي کنبڙي جي چيئرمين محمد خان لغاري پاران 28 ميل موري ۽ 32 ميل موري، ضلع ٽنڊو الهيار کان مبينا منشيات جي سپلاءِ جو معاملو پڻ سامهون رکيو ويو، جنهن تي ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي. کلي ڪچهري ۾ ٽائون ڪميٽي ميرواهه گورچاڻي جي وائيس چيئرمين ايڊووڪيٽ هيرالال مينگهواڙ، ڪائونسلر حاجي علي احمد گورچاڻي، سيد الطاف حسين شاهه، محب نوهڙي، البچايو لغاري، خوشي محمد لغاري ۽ اڪبر چانڊاني، عبدالقادر سومرو، خليل احمد آرائين زاھد علي خاصخيلي ، صحافي اسد سمون ، صحافي ظهير شر ، ارشد رستماڻي ، علي سميت ڪيترن ئي شهرين شرڪت ڪئي.
کلي ڪچهري جي آخر ۾ اي ايس پي عبدالرب چيو ته عوام جي شڪايتن جو ازالو، امن امان جي بحالي ۽ منشيات خلاف ڪارروائي پوليس جي اهم ذميوارين ۾ شامل آهي.