20/09/2026
مورو ڀرسان ڳوٺ مڪراري ۾ درگاھ سيد ٻڍل شاھ وٽ مٽي سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٽي سڳا ڀائر فياض علي زرداري اياز علي زرداري ۽ نياز علي زرداري شديد زخمي ٿي پيا جن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي ٽنهي ڀائرن کي نازڪ حالت ۾ نواب شاهه اسپتال موڪليو ويو جڏھن ته ڊرائيور ٽريڪٽر ٽرالي ڇڏي فرار ٿي ويو مذڪوره زخمي زنوار رستم علي زرداري جا پٽ آهن جيڪي موٽر سائيڪل تي ڳوٺ کان مورو اچي رهيا هئا ته اهڙو حادثو پيش آيو حد جي قمرالدين پوليس ٿاڻي تي اهڙي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي
رياض عالماڻي ڪاوش رپورٽر مورو 03023215372 /03453915372