Moro Updates

Moro Updates Moro update page will only work on social and politics, it will also highlight social problems, culture of Sindh and the problems of oppressed people.

قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي گرفتار قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ماضي ۾ ب...
09/08/2026

قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي گرفتار
قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ماضي ۾ به سنڌ جي سياسي ۽ سماجي معاملن بابت پنهنجي موقف سبب سرگرم رهيو آهي.

06/08/2026

سنڌ ڪنھن جي پيءُ جي جاگير ناھي . ✌️✌️✌️✌️

مورو ذريعن کان معلوم ٿيو آهي جناب سيڪنڊ سول جج جميل احمد انصاري مورو، مورو ٿاڻي اندر موجود پوليس ڪانسٽيبل (PC) اياز ڀٽو ...
27/07/2026

مورو ذريعن کان معلوم ٿيو آهي جناب سيڪنڊ سول جج جميل احمد انصاري مورو، مورو ٿاڻي اندر موجود پوليس ڪانسٽيبل (PC) اياز ڀٽو جي سرڪاري ڪوارٽر جو دروازو ٽوڙي ڇاپو هنيو، جتان ٻه ڄڻا هٿ آيا
رانو ماڇي
محمد سومرو
بعد ۾ جج صاحب ٻنهي ڄڻن کي پاڻ سان گڏ مورو ٿاڻي تي وٺي آيا ۽ Pc اياز ڀٽي جي مٿان FIR ڪرڻ جو مطالبو.

پپيلزپارٽي سٽي تعلقه مورو جي طرفان صوبائي سڏ تي مرويسون مرويسون سنڌو نه ڏيسون احتجاجي ريلي سٽي صدر نظير احمد ميمڻ جي اڳو...
24/07/2026

پپيلزپارٽي سٽي تعلقه مورو جي طرفان صوبائي سڏ تي مرويسون مرويسون سنڌو نه ڏيسون احتجاجي ريلي سٽي صدر نظير احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڪڊي وئي
جيڪا شهر جو گشت ڪندي پريس ڪلب پهتي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته سنڌو ڌرياء اسان جو جياپو آ ان تي ڪو ڪمپرومائيز نه ڪبو اسان جو قائد بلاول ڀٽو زرداري صاحب اهو ڪيس عالمي ليول تي وڙهي رهيو آ ان جي حڪم ۽ محترم ضياء الحسن لنجار صاحب جي هدايتن تي اڄ اسان هي احتجاجي ريلي ڪڊي آهي
ريلي ۾ محمد اسماعيل ڪورائي احمد نواز بهڻ اسلم آرائين اڪرم چانڊيو خان محمد اعواڻ اڪبر سمون اڪبر وينجهر رحيم بخش زرداري نور سولنگي حاجي انور قائمخاني اشفاق پنهور منظور سولنگي اصغر ڪورائي ذوالفقار چوهاڻ الله بخش ڪلهوڙو خليل نول سليمان چانڊيو مزمل سولنگي غلام حسين سولنگي اياز لاکو لالا محمد خان ڪورائي سميت سوين پارٽي اڳواڻن چونڊيل نمائندن ڪارڪنن شرڪت ڪئي .

🌿 اچو! وڻ لڳايون، سرسبز مورو بڻايون 🌳🌱 اڄ هڪ ٻوٽو لڳايو، سڀاڻي هڪ روشن ۽ سرسبز مستقبل جو بنياد وڌو.وڻ اسان جي زندگيءَ جو...
20/07/2026

🌿 اچو! وڻ لڳايون، سرسبز مورو بڻايون 🌳

🌱 اڄ هڪ ٻوٽو لڳايو، سڀاڻي هڪ روشن ۽ سرسبز مستقبل جو بنياد وڌو.

وڻ اسان جي زندگيءَ جو سهارو آهن. اهي صاف هوا، ٿڌو ماحول، برسات ۽ خوبصورت ڌرتيءَ جو سبب بڻجن ٿا. اچو ته پنهنجي شهر مورو کي وڌيڪ سرسبز، صاف ۽ خوبصورت بڻائڻ لاءِ هر گهر، هر گهٽي ۽ هر محلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ ضرور لڳايون.

🌿 هڪ وڻ = هزارين ساهن جي حفاظت
🌍 صاف ماحول، صحتمند زندگي
💚 اچو ته گڏجي پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ سرسبز مستقبل جو تحفو تيار ڪريون.

🌳 اچو! وڻ لڳايون، سرسبز مورو بڻايون. 🌳

ساهتي سرواڻ سنڌ جي گھرو ۽ قانون واري وزير ضياء الحسن لنجار پاران مورو جي نوجوان اسڪائوٽس ۾ پنھنجو خدمتون سرانجام ڏيندڙ ا...
16/07/2026

ساهتي سرواڻ سنڌ جي گھرو ۽ قانون واري وزير ضياء الحسن لنجار پاران مورو جي نوجوان اسڪائوٽس ۾ پنھنجو خدمتون سرانجام ڏيندڙ احسان جھنگاليہ جي وڇوڙي تي ڏک جو اظھار ڪيو آهي ۽ سندس پوئرن لاء ٻه لک روپين جي مدد جو اعلان ڪيو آھي،
گھرو وزير ضياء الحسن لنجار چيو ته نوجوان اسڪائوٽ احسان جھنگاليه هميشہ سماجي ڪمن ۾ اڳ ڀرو رهيو آھي سندس جي وڇوڙي تي ڏک جو اظھار ڪجي ٿو ۽ سندس پوئرن جي مڪمل ساهتا ڪئي ويندي ۽ انھن کي ٻه لک ڏيڻ جو اعلان ڪجي ٿو،

ڏک جي خبرمورو پريس ڪلب جو سينئر صحافي فقير دين محمد ڪلهوڙو ڪجھ وقت بيمار رھڻ بعد سيوھڻ اسپتال ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ...
04/07/2026

ڏک جي خبر
مورو پريس ڪلب جو سينئر صحافي فقير دين محمد ڪلهوڙو ڪجھ وقت بيمار رھڻ بعد سيوھڻ اسپتال ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي جنهن جي جنازه نماز جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

**"علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ مختلف ملڪن جا سرڪاري وفد مسلسل پهچي رهيا آهن.
03/07/2026

**"علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ مختلف ملڪن جا سرڪاري وفد مسلسل پهچي رهيا آهن.

"ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر، شهيد آيت الله خامنه اي جي آخري رسمن جون تياريون جاري آهن، جڏهن ته سندن جسدِ خاڪي تهران پهچاي...
03/07/2026

"ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر، شهيد آيت الله خامنه اي جي آخري رسمن جون تياريون جاري آهن، جڏهن ته سندن جسدِ خاڪي تهران پهچايو ويو آهي."

نائين محرم الحرام جي ڏينهن پيش آيل افسوسناڪ واقعونائين محرم الحرام جي ڏينهن اسد بهڻ نامي شخص پنهنجي هٿن ۾ موجود لوهي راڊ...
03/07/2026

نائين محرم الحرام جي ڏينهن پيش آيل افسوسناڪ واقعو

نائين محرم الحرام جي ڏينهن اسد بهڻ نامي شخص پنهنجي هٿن ۾ موجود لوهي راڊ سان ثناءُالله بروهي تي حملو ڪيو، هيو جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٻانهن ڀڄي پئي هئي. واقعي جي ايف آءِ آر اسد بهڻ تي داخل ڪئي وئي هئي جنهن کي اڄ مورو پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪو لاڪپ ۾ موجود آهي

Address

Main Road Moro
Moro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Moro Updates posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share