12/06/2023
نوشھرو فيروز
ڳوٺ کوڙو شريف جي رھواسڻ مسمات فسانه ڪلھوڙو پنهنجي مڙس پرويز احمد ڪلھوڙو سان گڏ پنهنجي ڀاء سالڪ ڪلھوڙو جي ظلمن خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پنج سال پھريان مونکي ٻه جاڙا پٽ ڄاوا ھئا ته منهنجي ماء زبيداھ مونکي ۽ منهنجي مڙس کي چيو ته ٻن جاڙن ٻارڙن مان ھڪ ٻار مونکي ڏيو ته ان جي پرورش مان ٿي ڪيان ۽ ھڪ جي پرورش توھان ڪيو جيسي تائين تنهنجي ڀاء سالڪ ڪلھوڙو کي اولاد ٿئي ان وقت اسان سڀ گڏ رھندا ھئا سين ڪجهه عرسو گذرڻ کان پوئي منهنجي ماء ھي فاني دنيا ڇڏي وئي ۽ اسان پنهنجو الڳ رھڻ شروع ڪيو ته منهنجي پٽ ابوطالب کي منھنجو ڀاء برگلائي اسان ڏي اچڻ کان روڪيندو رھيو ۽ چوندو رھيو ته اھي توکي ماريندا انهن ڏي وڃڻ بند ڪر ۽ اسان جي گھر اچي مون تي قافي دفعا تشدد به ڪيو ۽ اسانکي چوندو رھيو ته ابوطالب منهنجو پٽ آھي توهان جو ناھي ان جي اسان ٿاڻي تي رپورٽ به لکرائي ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز فيصلو ڪري حڪم جاري ڪرايو ته ابوطالب اسان سان گڏ رھي وري منهنجو ڀاء اسان جي گھر اچي مون سان زبردستي وڙھيو آھي منهنجو ڀاء زبردستي اسان جي پٽ تي قبضو ڪرڻ ٿو چاھي ان موقعي تي وڌيڪ ابوطالب ميڊيا آڏو چيو ته منهنجي امان جو نالو فسانه آھي ۽ منهنجي پيء جو نالو پرويز احمد آھي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪيون چيف جسٽس آف پاڪستان, وزير اعليٰ سنڌ,ايس ايس پي نوشھرو فيروز سميت اعليٰ اختيار رکڻ وارن سان ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سالڪ ڪلھوڙو خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي جيڪو اسان جي جگر جي ٽڪڙي کي اسان کان زبردستي الڳ ڪري پاڻ قبضو ڪرڻ ٿو چاھي.