07/02/2026
بچل پور د: تعلقي قاضي احمد جي ڪچي واري علائقي سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي قائم گورنمينٽ بوائز مين پرائمري اسڪول انب جوڻيجو ۾ گذريل 16 سالن کان فرنيچر جي کوٽ هئي جنهن جو نوٽيس تعلقا ايجوڪيشن آفيسر آفتاب شاهه سومرو پاران نوٽيس وٺندي اسڪول ۾ پڙهندڙ 185 ٻارڙن لاءِ 40 ڊيسڪون مهيا ڪيون ان موقعي تي آفتاب شاهه سومرو، ٻاجھي خان ڪلوئي، استاد عبدالحميد ڪلهوڙو، نواب ولي محمد پريس ڪلب جو صدر اعجاز علي سنگراھ ،صحافي غلام شبير اوٺو ،استاد غلام حسين ڪلوئي، يونين ڪائونسل ٺٽ جو چيئرمين وڏيرو قاسم جوڻيجو ۽ اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارڙن جي والدين ڳالهائيندي چيو ته گورنمينٽ بوائز مين پرائمري انب جوڻيجو ۾ گذريل 16 سالن کان فرنيچر جي کوٽ هئي جيڪا ٽي اي او ميل پرائمري آفتاب شاهه سومرو پوري ڪئي آهي، اسڪول جي استاد معشوق ڏاهري تمام محنتي استاد آهي جيڪو پوڻا ٻ سئو ٻارڙن کي معياري تعليم ڏئي پيو ضرورت ان ڳالهه جي آهي گورنمينٽ بوائز مين پرائمري اسڪول انب جوڻيجو هاڻي اپگريڊ ڪري ايليمينٽري اسڪول جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن خاص ڪري اسڪول ۾ پڙهندڙ نياڻيون باقي تعليم اتي ئي پرائي سگهن ان موقعي يونين ڪائونسل ٺٽ جي چيئرمين وڏيرو قاسم جوڻيجو اسڪول کي مڪمل سولر سسٽم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ وڏيري قاسم جوڻيجو آيل مهمانن کي لنگيون پارائي عزت بخشي.