SangharPlus360-News

SangharPlus360-News Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from SangharPlus360-News, Social Media Agency, Sanghar.

SangharPlus360 is a Independent SocialMediaNews page .This page provides independently news's collected from the trusted sources , and raise the voice of victims, and we are also provide a advertisement news and marketing services.

29/01/2024

ناظم آباد ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو هڪ ڄڻو فوت ڊبل ڪئبن کي باھ

پولنگ ايجنٽ ۽ فارم 45 جي اھميت ـننڍي يا وڏي اليڪشن جي نتيجن ۾ فارم 45 بلڪل ريڙھ جي هڏي جھڙي حيثيت رکندڙ ھڪ ڊاڪيومينٽ آهي...
23/01/2024

پولنگ ايجنٽ ۽ فارم 45 جي اھميت ـ

ننڍي يا وڏي اليڪشن جي نتيجن ۾ فارم 45 بلڪل ريڙھ جي هڏي جھڙي حيثيت رکندڙ ھڪ ڊاڪيومينٽ آهي، جنھن به چونڊ وڙھندڙ اميدوار کي ڌانڌلي جو خطرو محسوس ٿي ته ان کي فارم 45 تي به غور نظر ضرور رکڻ گهرجي ۽ اھڙي نظرداري اميدوار جا صرف مضبوط پولنگ ايجنٽ ئي ڪري سگھن ٿا،
ڇاڪاڻ ته اڪثر ڪري فارم 45 تقريبن 1 وڳي کان پوءِ تيار ڪيا ويندا آھن ۽ فارم 45 پرزائيڊنگ ۽ پولنگ آفيسر سميت سمورن پولنگ ايجنٽن جي موجودگي ۾، ۽ ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ ڀريا ويندا آهن. جنهن ۾ هر اميدوار جي پولنگ جي نتيجي جو رڪارڊ لکيو ويندو آهي، ڪنهن ووٽ ڏنو ۽ ڪيترا ووٽ پيا سميت ان تي مقرر پولنگ عملي ۽ پولنگ ايجنٽن جون صحيحون پڻ ھونديون آهن جڏھن ته پولنگ آفيسر فارم 45 تمام پارٽين جي پولنگ ايجنٽن سامھون جاري ڪندو آهي ۽ اھو جاري ڪيل فارم 45 ڪنهن به عدالت ۾ قابل قبول سمجھيو ويندڙ قابل قبول دستاويز آھي ـ جيڪڏھن ڪنھن اميدوار جي تڪ جون جيڪڏهن 150 پولنگ اسٽيشنون آھن ته وٽس 150 پولنگ ايجنٽن جي مضبوط ٽيم لازمي هجي، ۽ ٽيم جي مٿان هڪ چيف ايجنٽ به هجي جنهن وٽ سموري پولنگ ايجنٽس جا فون نمبر هجن جيڪو تمام ايجنٽن کان فارم 45 جي ڪاپي وصول ڪري ۽ اميدوار کي جمع ڪرائي ، اهڙي صورت ۾، اميدوار کي ريٽرننگ آفيسر، آر او کي سڏڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن جي آفيس مان چونڊ نتيجا وٺڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته نتيجو فارم 45 جي صورت ۾ سندس هٿ ۾ هوندو، اهڙي صورتحال ۾ ڪا به طاقت دھاندلي نه ٿي ڪري سگهي، هڪ سيڪڙو به نه ٿي ڪري سگهي. صرف اميدوارن وٽ ايماندار ۽ مخلص ـ ذھين ۽ بي خوف پولنگ ايجنٽ هجڻ گهرجن ـ

ٽنڊوآدم . ڳوٺ غلام حسين جوڻيجو ۾ نامعلوم چور يارنھن ھزار وولٽيج جون تارون ڪٽي ٽرانسفارمر لاھي ان منجھان سمورو قيمتي ساما...
23/01/2024

ٽنڊوآدم . ڳوٺ غلام حسين جوڻيجو ۾ نامعلوم چور يارنھن ھزار وولٽيج جون تارون ڪٽي ٽرانسفارمر لاھي ان منجھان سمورو قيمتي سامان ڪڍي چوري ڪري فرار ٿي ويا جنھن سبب ڳوٺ غلام حسين جوڻيجو . ڳوٺ علاوالدين جوڻيجو ۽ ڳوٺ انيل گل جوڻيجو جي بجلي بند پيل جڏھن مليل معلومات موجب ته انھي واردات جي ڪابه پوليس وٽ ڪابه شڪايتي رپورٽ درج نه ڪرائي و يئي آھي.

☝هميشه سرخرو رهندو هي ويڙهو سرور نوح رح جو 🙏🌹ٻڌا جنهن کي خدا آهن سدائين سوڀ جا سهرا 💖سروري جماعت جي روحاني پيشوا و سجاده...
23/01/2024

☝هميشه سرخرو رهندو هي ويڙهو سرور نوح رح جو
🙏🌹ٻڌا جنهن کي خدا آهن سدائين سوڀ جا سهرا 💖
سروري جماعت جي روحاني پيشوا و سجاده گادي نشين قبلا سائين مخدوم جميل الزمان جن ۽ سروري جماعت سنڌ جي ميمبر تاج محمد ورياھ جي پنھنجي مرشد سان خوبصورت ۽ عقيدتمنداڻي انداز ۾ ٻيراڻي جلسي دوران ڪلڪ ڪيل منظر ـ💕
Jameel Zaman
Muhammad Waryah

ھڪڙو ھي يثرب جي مٽيءَ کي چمندڙ ملنگ ـسموري طاغوتي تختن جا تختا اکيڙي ويوـ عوامي اڳواڻ ھميشا ھجومن جا محتاج نه ھوندا آھن ...
22/01/2024

ھڪڙو ھي يثرب جي مٽيءَ کي چمندڙ ملنگ ـ
سموري طاغوتي تختن جا تختا اکيڙي ويوـ

عوامي اڳواڻ ھميشا ھجومن جا محتاج نه ھوندا آھن ڇو ته اھي جتان گزندا آھن ته انھن سان ھجوم پنهنجو پاڻ جڙي پوندا آھن ـ بلڪل ائين سدائين عوام جي وچ ۾ ھروقت سلھاڙيل رھندڙ محمد خان جوڻيجو جڏھن بہ عوام کي پاڻ ڏانھن سڏيو آھي تہ ضلعي سانگھڙ جي ھر طبقي ذات برادري جا انيڪ ماڻھو کن پل ۾ ساڻس ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي اٿي کڙي ٿيا آھن جنھن جو تازو مثال ھي آھي ته جڏھن محمد خان جوڻيجو فارم جمع ڪرا ئڻ لاء عوامي ريلي ڪڍي ته مخالفن کان ريليون ڪڍڻ ئي وسري ويون آھن٠ جڏھن محمد جوڻيجو جو NA - 209 تي فارم ڀرائڻ لاء عوامي ڪاروان ضلعي سانگھڙ جي مختلف شھرن مان ڇا گذريو سندس لاء عوام جي عشق جو انداز ئي بدلجي ويو ھر پاسي بس 🙋ڀيييڄ پاڳارا ـ 🙋 ڀيييڄ پاڳارا ـ 🙋ڪير آيو محمد خان آيو جي نعرن جي گونجار ٿي ويئي ايتري قدر جو سندس پاران ڪڍيل عوامي ريلي جو تاثر گھٽ ڪرڻ لاء 15 سالن کان ضلعي سانگھڙ سميت سنڌ تي حڪمران رھندڙ جماعت کي پنھنجي شھيد ليڊر جي نياڻي ۽ پارٽي چيئرمين کي ورڪ جلسن لا آڻڻو پيو ـ
ھالا جي سروري سخين جي حويلي تي ڪنڌ نمائي حاضري ڀرڻي پيئي ـ ھالا حويلي وارن اڳيان سندن بس ھڪ ئي صدا ھئي اي ھالا جا سرور پنھنجي سروري جماعت ذريعي اسان عزت بچراء ـ بس عزت بچراء ٠

ٽنڊوآدم . پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سانگھڙ جي تڪ  اين اي 210 تي نامزد اميدوار علاوالدين جوڻيجو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي ...
20/01/2024

ٽنڊوآدم . پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سانگھڙ جي تڪ اين اي 210 تي نامزد اميدوار علاوالدين جوڻيجو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي جي صدر تاج محمد ورياھ پاران ورياھ ھائوس ۾ قائم ڪيل اليڪشن آفيس تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي خاندان ھميشه بنا ڪنھن فرق جي عوام جي سدائين خدمت ڪئي آھي ۽ اسان خدمت تي ئي يقين رکون ٿا انشاء الله 8 فيبروري تي ھن تڪ جو عوام ھميشه جيان ھن دفعي به اسان کي پنھنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندو ۽ ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ئي ٿيندو.

20/01/2024

پاکستان پیپلزپارٹی این اے 210 کے امیدوار علاؤالدین جونیجو کے الیکشن آفيس کا اقتتاح وریاہ ھاؤس ٹنڈوآدم میں کیاگیا کارکنون و شھریوں کی بڑی تعداد میں شرکت

شھيد معصوم لائبا ملاح ڌي جو شھيد والد راشد ملاح ـڦليلي لڳ رھندڙ راشد ملاح جي ھي معصوم نياڻي شھيد لائبا ملاح ڌي راشد ملا...
20/01/2024

شھيد معصوم لائبا ملاح ڌي جو شھيد والد راشد ملاح ـ
ڦليلي لڳ رھندڙ راشد ملاح جي ھي معصوم نياڻي شھيد لائبا ملاح ڌي راشد ملاح ڪجهه عرصو اڳ بااثر ڀوتار پمپ مالڪ جي ديوار ھن جي معصوم نياڻي مٿان ڪري پئي ھئي جنهن ۾ معصوم نياڻي لائبا ملاح شھيد " فوت" ٿي وئي ھئي جنھن تي راشد ملاح پنهنجي نياڻي جي انصاف لاء در در دانھون ڪندو رھيو عدالتن تائين پھتو پر ھن کي انصاف نـ مليو
پمپ مالڪ بااثر توڙي وڪالت جي پيشي جو غلط فائدو وٺندي راشد ملاح تي مسلسل ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کيس تنگ ڪندو رھيو ـ بااثر پمپ مالڪ وڪيل جي ڪوشش ھئي تـ ڪھڙي بـ طريقي سان ھنن ملاحن کي ھتان لڏائي پيٽرول پمپ لاء جڳهه وڌايان جڏھن ته پيٽرول پمپ اڳئي غيرقانوني ۽ قبضي تي ٺھيل آهي راشد ملاح مسلسل پوليس توڙي عدالتن جا دروازا کڙڪائيندو رھيو پر ھن سان انصاف ته نه ٿيو ويتر پوليس بااثر پمپ مالڪ جي ونگار وھندي نيٺ راشد ملاح کي ڪوڙو ڊرامو رچائي ھٿرادو مقابلي ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ ڪمداري ايس ايس پي سجاول ۽ ايس ايس پي حيدرآباد ملي ڪري ڪئي ھٿرادو ڊرامو ٺاھي راشد ملاح کي ھٽڙي ۾ مقابلو ڏيکاري قتل ڪري ڇڏيو جڏهن تـ راشد ملاح کي سجاول مان ڪالھ 5:20 تي گرفتار ڪري کڻي آيا ھئا افسوس تـ ايس ايس پي حيدرآباد چند روپين تي پنهنجو ضمير وڪڻي ڪري ھن نوجوان کي ڊرامو رچائي قتل ڪيو آهي

سانگھڙ  : سماجي ۽ شعوري طور پنھنجي برادر توڙي علائقي ۾ انتھائي  اثر رکندڙ  پي ايس 42 جي آزاد اميدوار نور چاڪراڻي سان پ...
19/01/2024

سانگھڙ : سماجي ۽ شعوري طور پنھنجي برادر توڙي علائقي ۾ انتھائي اثر رکندڙ پي ايس 42 جي آزاد اميدوار نور چاڪراڻي سان پي ايس 42 تي چونڊ وڙھندڙ جي ڊي اي اميدوار ڄام نفيس علي خان ـ عامر جوڻيجو ـ ۽ سيد گل حسن شاھ جي اھم ملاقات. اليڪشن صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي ويئي .

19/01/2024

سانگھڙ : ايس ايس پي ضلع سانگھڙ سميت تمام ڊي ايس پيز ۽ ڇھن ئي تعلقن ۽ سٽيز جي ايس ايڇ اوز کي 🙏گذارش ٿي ڪجي ته ضلعي ۾ رات ڏينهن جو پيٽرولنگ ۽ چيڪنگ کي سخت ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون وڃن ۽ رات جو 11 يا 12 بجي کان پوء آوارہ هلندڙ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي انهن جي ويريفڪيشن ڪري پوء کين ڇڏيو وڃي ـ

🙏سانگھڙپلس360-نيوز پيج

یہ واقعی ایک ملک ھےـ ؟ پنجاب مين گئس بل پر فکسڈ چارجز 400 روپے اور سندھ میں چارجز 1000 کیا کوئی پوچھنے والا نھیں، گئس سپ...
19/01/2024

یہ واقعی ایک ملک ھےـ ؟
پنجاب مين گئس بل پر فکسڈ چارجز 400 روپے اور سندھ میں چارجز 1000 کیا کوئی پوچھنے والا نھیں،
گئس سپلائي بھي سندھ سے ھو رھی ھے اور ظلم بھي سندھ باسيون پر ، پنجاب میں گئس لوڈشیڈنگ رات 11 سے صبح 4 بجے تک ھے اور یھاں سندہ میں گئس کا کوئی ٹائیم نھیں، وجہ کیا ھے تعصب یا ھمارے نا اھل نمائندے ھیں ـ؟


Sui Southern Gas Company Ltd. - SSGC

ٽنڊوآدم جي محبتي دوست ۽ سماجي ڪارڪن ڄام امان الله انڙ کي سانگھڙ پلس360-نيوز پاران جنم ڏھاڙي جون لک لک واڌايون پيش ڪجن ٿي...
18/01/2024

ٽنڊوآدم جي محبتي دوست ۽ سماجي ڪارڪن ڄام امان الله انڙ کي سانگھڙ پلس360-نيوز پاران جنم ڏھاڙي جون لک لک واڌايون پيش ڪجن ٿيون ٠

Address

Sanghar

Telephone

+923328299959

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SangharPlus360-News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to SangharPlus360-News:

Share