NICVD shahdadkot

NICVD shahdadkot We Demond
Need NICVD For Shahdadkotian

04/12/2025

Saqafat sindh

ايم پي اي مير نادر علي خان مگسيشهرين جومطالبو.هزارين دلن جي ڌڙڪن محبوب نوجوان اڳواڻ سردار مگسي جي نالي سان شهدادڪوٽ ۾ NI...
15/05/2025

ايم پي اي مير نادر علي خان مگسي
شهرين جومطالبو.
هزارين دلن جي ڌڙڪن محبوب نوجوان اڳواڻ سردار مگسي جي نالي سان شهدادڪوٽ ۾ NICVD قائم ڪيو وڃي.

With Qasim Ali Shah Foundation – I just got recognized as one of their rising fans! 🎉
06/06/2024

With Qasim Ali Shah Foundation – I just got recognized as one of their rising fans! 🎉

We Demond NICVDShahdadkotشهدادڪوٽ جي شهرين جو وڏو مطالبو پوري ٿيڻ طرف وجي رهيو آهيNICVDيونٽ قائم ڪرڻ لاء ڪراچي جي ٽيم شه...
09/08/2023

We Demond
NICVD
Shahdadkot
شهدادڪوٽ جي شهرين جو وڏو مطالبو پوري ٿيڻ طرف وجي رهيو آهي
NICVD
يونٽ قائم ڪرڻ لاء ڪراچي جي ٽيم شهدادڪوٽ پهچي يونٽ قائم ڪرڻ لاء تعلقه اسپتال جو دورو ڪيو.

07/03/2023

Our Demand
NICVD
For Shahdadkot

26/02/2023

We Demand
NICVD
Shahdadkot
شهدادڪوٽ جي سول سوسائٽي شهدادوٽ ۾ NICVD قائم ڪرڻ لاء جدوجهد جي شروعات ڪري ڇڏي
شهدادڪوٽ جو تحرڪ سماجي ڪردار محمد ايوب کوسو جيڪوٽ شهدادڪوٽ ۾ nicvd قائم ڪرڻ لاء سالن جدوجهد جاري ڪيون پيو اچي جنهن گمبٽ سنڌ جي مشهور ڪردار ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي کي ادارو قاڍ ڪرڻ لاء وزٽ ڪرايو.
اچو ته ان جو مطالبو ٻڌون.

شهدادڪوٽ ۾ NICVD  جي سخت ضرورت آهي سنڌ حڪومت شهدادڪوٽ جي شهرين جو مطالبو منظور ڪري.
11/01/2023

شهدادڪوٽ ۾ NICVD جي سخت ضرورت آهي
سنڌ حڪومت شهدادڪوٽ جي شهرين جو مطالبو منظور ڪري.

A fellow sufferer of humanity in the diaspora.come overBecome a servant of Mehran Welfare Society.To help flood victimsW...
12/09/2022

A fellow sufferer of humanity in the diaspora.
come over
Become a servant of Mehran Welfare Society.
To help flood victims
We appeal to collect food, medicine and other necessary items as well as financial assistance.
Mehran Welfare Society

24/04/2022

NIC❤️D
شهدادڪوٽ
شهدادڪوٽ جي گهرج
NIC❤️D شهدادڪوٽ

عمير سولنگي ........

انگن اکرن جي مطابق دل جي مختلف بيمارين جو سبب پاڪستان ۾ تقريبن ساڍا ٽي لک ماڻهو ساليانو موت جو شڪار بڻجن ٿا. جڏهن ته هڪ ڏهائي ٻارن کي مستقبل ۾ دل جي مرض کي منهن ڏيڻو پوندو. دل جي مرض جي بنيادي نشانيءَ ۾ سيني، خاص طور تي ٻانهن ۾ سور، ساهه کڻڻ ۾ مشڪل، مٿي کي چڪر اچڻ، دل جي ڌڙڪڻ جو تيز ٿيڻ وغيره شامل آهن. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ هي نشانيون ظاهر ٿين ته جلدي سڃاڻپ کان پرهيز نه ڪريو. هڪ تحقيق جي مطابق عورتن ۾ دل جي مرض جي شروعات چيلهه ۽ ڪنڌ جي سور کان ٿئي ٿي. جڏهن ته مردن ۾ سيني کان سور شروع ٿي ساڄي ٻانهن تائين ڦهلجي ويندو آهي. عورتن جي نسبت مردن ۾ هن سور جي شدت گهڻي ملندي آهي. جيڪڏهن بنا ڪنهن سبب جي چڪر اچڻ، الٽي ٿئي يا جسماني محنت کان پوءِ ٿڪا وٽ جو احساس ٿئي، ته هي ان ڳالهه جي واضح نشاني آهي ته اوهان جي دل صحيح طريقي سان پنهنجو ڪم سرانجام نه ڏئي رهيو آهي. صحت مند دل جو تعلق مرد يا عورت جي عمر سان هوندو آهي. جيتوڻيڪ هر عمر جي لحاظ سان دل جو خيال رکڻ گهرجي.
هن قانون ۾ ڪجهه اهم ڳالهيون اهي آهن ته سٺي خوراڪ جو استعمال،
باقاعدگي سان هلڪي ڦلڪي ورزش ۽ معمولي طريقي سان زندگي گذارڻ گهرجي.
دل جي سٺي صحت جي لاءِ سمهڻ، جاڳڻ جي وقت جي پابنديءَ کان علاوه سٺي سوچ رکڻ به ضروري آهي. دل جي مرض جو سبب جنهن کي “ رسڪ فيڪٽرس” به چوندا آهن. رت جو دٻاءُ شگر ڪوليسٽرول جو وڌڻ، سگريٽ پيئڻ ورزش جي گهٽتائي، ذهني دٻاءُ وغيره شامل آهن.
پر افسوس جو اسان جي ايڏي وڏي شهر ۾ دل جي بيمارين جو ڪو به خاص علاج نہ ٿو ڪيو وڃي ، اُھو مرض جيڪو اڄ ڪالهه هر اِنسان اُن جي خطري ۾ آهي ، اُن لاءِ ڪو به ادارو يا ڊاڪٽر ڪونهي .........
چيو وڃي ٿو ته اسان آزاد آھيون ، اسان جدوجھد ڪري آزادي ورتي آهي , اُن ڪري عوام آزاديءَ مان فائدو وٺي رھيو آھي ، پر مونکي اهي سڀِ دعوائون ڪوڙيون ،ٻٽاڪون ، فريب لڳنديون آهن ،
اڄ اسان جي مِلڪ تي اھڙن ماڻھن جي حڪومت آهي جيڪي نه اسلام کان واقف آهين نه ئي وري انسانيت کان ، اڄ 21 صدي عيسويءَ هلي رھي آھي ، دُنيا چنڊ ،مريخ تي پهچي وئي آهي ، اسان وٽ ترقي بيل گاڏي جي رفتار کان به سست پئي هلي .
جتي دُنيا ۾ انسانن جو علاج جديد مشينن سان پيو ٿئي ته اُتي اسين بنيادي صحت جي سھولت کان به محروم آھيون ،
انسان جي زندگي ڪيتري قيمتي آهي ؟
اُهو سوال اُنھن ماڻھن کان پڇو جن پنهنجن پيارن کي سرڪاري اسپتالن ۾ بنا دوا جي سهولت جي تڙپندي ڏٺو .جن تڙپي تڙپي ساهه ڏﻧﻮ . ۽ هو پنهنجن پيارن جا لاش کڻي آيا ،
اسان جو شھر شهدادڪوٽ جيڪو لکن کان مٿي جي آبادي تي مشتمل وسيع شھر آھي اتي صحت جي ڪا به سهولت نه هجڻ جي برابر آهي ، خاص ڪري دل جي مرض جي جيڪو اڄ ڪالهه عام جام آهي .
اللهِ پاڪ هر اِنسان کي پنهنجي حفظ امان ۾ رکي ،
اگر ڪنهن کي ايمرجنسي جي حالت ۾ دل جو دورو ٿو پئي يا ڪو حادثو ٿو ٿِئَي ته ھُن کي وڏي شھر موڪليو ٿو وڃي جيڪو گهٽ ۾ گهٽ به ڪلاڪ جو فاصلو آھي ، اُهو هِڪُ ڪلاڪ مريض زندگي موت جي سخت ڪشمڪش ۾ تڙپندو رهندو آهي جتي ھُن لاءِ هِڪَ هِڪُ منٽ تمام قيمتي ھوندو آھي ، الائي ڪيترا شھر واسي وقت سر طبيعي امداد نه ملڻ ڪري زندگي جي جنگ هارائي ويا ،
الائي ڪيترين دلين مايوس ٿي ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو ....
هر ڏينھن وڌندڙ مهانگائي ، بيروزگاري ، بُک ، اِنسان جي اھڙي تہ حالت خراب ڪري ڇڏي آهي جو انسان ڪنهن ڪنهن سان منھن ڏئي ؟
پيٽ جي باھ وسائي ؟
ٻچڙن کي تعليم ڏئي ؟
يا پنهنجي ٿڪل يا اوجاڳيل اکين ۾ زندگي جا حسين خواب ڏسي ؟
غير معياري کاڌا ، گندگي ماحول جي آلودگي ايترين ته بيمارين کي جنم ڏنو آهي جو هر انسان ڪنهن نه ڪنهن مرض ۾ ضرور مبتلا آهي ، آءٌ حڪومت کي گذارش ڪندس ته ھِن سنگين مسئلي تي ڌيان ڏين ، ۽ وس وارن کي به اپيل ڪندس ته گڏجي پنهنجي شھر جي ڀلائي ڪو بھترين ادارو ٺاهين تہ جيئين غريب مسڪينن ماڻھن کي ڪُجھ رليف ملي ، انساني زندگين سان جيڪو وڏين اسپتالن ۾ مذاق ٿو ٿِئَي تہ اُن کان هو بچي وڃن .....
هر انسان جي دل آزاديءَ سان ڌڙڪي جنهن تي ڪو به دٻاءُ نه هُجي .....
هِڪُ خوش ، صحتمند دل صحتمند انسان رکندي آهي ،
آءٌ اها اميد رکان ٿو ته جلدي شھدادڪوٽ شهر کي دل جي بيمارين جو ڪوئي بهترين ادارو ملي ويندو ،

منهنجي آس اِھا ڪڏهن ڪرائيندي ڪوٽ کي .........

27/03/2022

شهدادڪوٽ ۾ NICVD جي ضرورت آهي
جنهن لاء سول سوسائٽي کي جدوجهد لاء ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي گذارش ڪجي ٿي.

We Demond
Need NICVD For Shahdadkotian

Address

Shahdadkot

Telephone

+923337508202

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when NICVD shahdadkot posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to NICVD shahdadkot:

Share