08/07/2026
عادلپور جي صحافي ماجد علي ڪلوڙ خلاف داخل ڪيل FIR جي شفاف، غيرجانبدار ۽ انصاف تي ٻڌل جاچ ٿيڻ گهرجي.
جيڪڏهن الزام سچا آهن ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، پر جيڪڏهن هي ڪيس ڪوڙن الزامن يا صحافتي ذميواريون نڀائڻ جي نتيجي ۾ داخل ڪيو ويو آهي ته بيگناهي ثابت ٿيڻ تي کيس مڪمل انصاف ڏنو وڃي.
صحافت سچ جي آواز آهي، ۽ سچ کي انصاف ملڻ هر ذميوار اداري جي ذميواري آهي.
اسين انصاف، قانون جي بالادستي ۽ سچ جي ساٿ ۾ آهيون.