SNN Channel

SNN Channel Information

حيدرآباد سنڌ جي استادن جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ به وڏو ڏوهه بڻجي ويو. زاھد ڪاڪا کي سچ ڳالھائڻ تي شوڪاز موڪلي حراسان ڪرڻ جي مذم...
20/01/2026

حيدرآباد سنڌ جي استادن جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ به وڏو ڏوهه بڻجي ويو.

زاھد ڪاڪا کي سچ ڳالھائڻ تي شوڪاز موڪلي حراسان ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿئي فوري طور شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڄي ٻئي صورت ۾ پ ٽ الف سنڌ طرفان احتجاج

14/06/2024

سانگھڙ: ھي واقعو منگلي ٿاڻي جي حد منڊ جمڙائو لڳ پيش آيو آھي بااثر زميندار اٺ جانور فصل ۾ پوڻ تي سومر بھڻ جي اٺ جي ٽنگ ڪھاڙيون ھڻي ڪٽي ڇڏي غريب سان انصاف ڪري بااثر زميندار کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي

تاریخ : 04 جون 2024جگہ : ڈپٹی کمشنر آفس مٹیاری مٹیاری:  ڈپٹی کمشنر آفس لطیف ہال میں ڈسٹرکٹ ڈزاسٹر مینجمنٹ اتھارٹی کے حوا...
04/06/2024

تاریخ : 04 جون 2024
جگہ : ڈپٹی کمشنر آفس مٹیاری

مٹیاری: ڈپٹی کمشنر آفس لطیف ہال میں ڈسٹرکٹ ڈزاسٹر مینجمنٹ اتھارٹی کے حوالے سے ڈپٹی کمشنر مٹیاری محترم جناب محمد یوسف شیخ کی طرف سے پری مون سون بارشوں کے حوالے سے ایک اہم اجلاس طلب کیا گیا

جس میں اسسٹنٹ کمشنر ہالہ، اسسٹنٹ کمشنر سعید اباد،اسسٹنٹ کمشنر مٹیاری،ایمرجنسی افسر ریسکیو 1122 ڈی ایچ او مٹیاری، ایگریکلچر ٹیم،تعلقہ ایجوکیشن افسر اور شہر کے معززین نے شرکت کی۔

مٹیاری : اجلاس بلانے کا مقصد پری مون سون بارشوں کے حوالے سے کسی بھی ہنگامی حالات سے نمٹنے کے لیے ہر وقت تیار رہنا اور کس طرح کام کرنا ہے کس طرح مصیبت میں پھنسے ہوئے لوگوں کو محفوظ جگہ منتقل کرنا ہے

ڈسٹرکٹ ڈیزاسٹر مینجمنٹ اتھارٹی امدادی کارروائیوں کی ذمہ دار ہے
ان کے کام کے کچھ اہم پہلوؤں میں شامل ہیں:

آفات کے خطرے میں کمی اور تخفیف,ایمرجنسی رسپانس اور ریسکیو آپریشنز,ریلیف اور بحالی,آفات کی تیاری اور منصوبہ بندی اور مختلف اسٹیک ہولڈرز کے ساتھ کوآرڈینیشن کرنا وغیرہ وغیرہ۔۔۔

میڈیا کوآرڈینیٹر ؛-
سندھ ایمرجنسی ریسکیو سروس (ریسکیو 1122) حیدرآباد

سنڌ پوليس ۾ لوئر اسٽاف جي ڀرتي جو اعلان
08/05/2024

سنڌ پوليس ۾ لوئر اسٽاف جي ڀرتي جو اعلان

مٽياريڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ ڊولپمينٽ پروگرام 24-2023 تحت تعمير ٿيندڙ اسپورٽس ڪامپليڪس، لائبريري ڪمپيوٽر ليب ۽ ...
04/05/2024

مٽياري
ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ ڊولپمينٽ پروگرام 24-2023 تحت تعمير ٿيندڙ اسپورٽس ڪامپليڪس، لائبريري ڪمپيوٽر ليب ۽ پبلڪ پارڪن جو دورو ڪيو. جڏھن ته گھريلو صنعت، ھالا ھينڊي ڪرافٽ، ٽائلز ۽ مٽياري جي انبن کي ھٿي ڏيارڻ لاء به انھن جاين جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي ڊي سي محمد يوسف شيخ جو چوڻ ھو تہ نوجوانن جو راندين جي ميدانن، لائبريري ۽ پبلڪ پارڪن ڏانھن ڌيان ڇڪايو وڃي ته جئين کين موبائل جي اجايو استعمال، نشي جي عادت ۽ اجايو وقت وڃائڻ کان بچي سگھجي.

ڊپٽي ڪمشنر مٽياري انڊور گيمز اسٽيڊيم جي ڪم کي غيرتسلي بخش قرار ڏيندي انجنيئر کي خاص مانيٽر ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.

مٽياري انتظاميہ جي ذريعن جو چوڻ آھي ته مٽياري ڊسٽرڪٽ بيوٽيفڪيشن فار لوڪل پراڊڪٽ پروموشن پلان 2024 ڊي سي مٽياري جو خاص پروگرام آھي، جنھن تحت نيشنل ھاء وي جي واضع جاين جي صدين کان قائم انبن ۽ ميون جي باغن، اجرڪ ۽ ٽوپي جي صنعت، ھالا ڪاشيگري ۽ ٽائلز جا خوبصورت بورڊ لڳايا ويندا.

اٽڪل ۷۵ ڪلوميٽر نيشنل ھاء وي مٽياري ضلعي مان گذري ٿو ۽ اھو لازمي آھي ته ضلعي اندر خاص پراڊڪشن کي ھٿي وٺرائي وڃي جنھن سان گھريلو معيشيت وڌندي ۽ بھتر ٿيندي.

ان موقعي تي ڊي سي اڏيرولال لائبريري، ڪمپيوٽر ليب، اسٽريٽ پيور ۽ آر ايڇ سي جو بہ دورو ڪيو. ڊي سي پيور بلاڪن جي ٽيسٽ ڪرائڻ لاء ليبارٽري موڪلڻ جون ھدايتون پڻ جاري ڪيون. ھن لائبريري جي ٺيڪيدار کي ھدايت ڪندي چيو ته ڇت جو ڪم مضبوطي سان ڪيو وڃي ته جئين لائبريري جي ڇت ته ٻئي سال جي پروگرام ۾ نوجوانن لاء ڊجيٽل ريڊنگ اينڊ لرننگ ھال تعمير ڪرايو وڃي.

Hyderabad To Nawabshah Needs Metro Bus Service 🚌🚍 حيدرآباد کان کيبر کنڊو ڀٽ شاھ هالا نيوسعيدآباد سڪرنڊ ۽ نواب شاھ جي عوا...
25/04/2024

Hyderabad To Nawabshah Needs Metro Bus Service 🚌🚍
حيدرآباد کان کيبر کنڊو ڀٽ شاھ هالا نيوسعيدآباد سڪرنڊ ۽ نواب شاھ جي عوام لاءِ ميٽرو بس سروس گهرجي.



24/04/2024

مٽياري
ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ چيو آھي ته صحت انسان جي اصل طاقت آھي، جيڪڏھن انسان جي صحت بھتر ھوندي ته پوء سڄي قوم صحتمند ھوندي، ڇاڪاڻ ته صحتمند قومون ئي ھر موڙ تي ڪاميابيون ماڻي سگھن ٿيون. اھڙن خيالن جو اظھار ھن سنڌ حڪومت طرفان معصوم ٻارڙن کي 12 خطرناڪ بيمارين کان بچائڻ لاء اڄ کان پوري ھفتي تائين ھلندڙ جاڳرتا مھم جو افتتاح ڪندي ڪيو.

ڊي سي مٽياري، ڊي ايڇ او، صحت کاتي جي مختلف عملدارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ بيمارين کان بچاء لاء نڪتل جاڳرتا ريلي ۾ شرڪت ڪئي.

سنڌ حڪومت ٻارڙن کي ڪاري کنگھ، نمونيا، ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين کان بچائڻ جي سلسلي ۾ اڄ کان جاڳرتا مھم جي شروعات ڪئي آھي جيڪا 30 اپريل تائين جاري رھندي.

ريلي دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊي سي محمد يوسف شيخ وڌيڪ چيو ته صحتمند ٻار ئي مستقبل جو معمار آھي، انھن جي حفاظت ڪرڻ اسان جو قومي فرض آھي، ان سلسلي ۾ والدين کي گذارش آھي ته اھي به صحت کاتي جي ٽيمن سان سھڪار ڪري پنھنجن ٻارن کي ٽڪا لڳرائڻ ته جئين سندن ٻچڙا خطرناڪ بيمارين کان محفوظ ٿي سگھن.

ھن چيو ته آئون شھرين، ميڊيا، سول سوسائٽي جي نمائندن جو تمام گھڻو ٿورائتو آھيان جن جاڳرتا مھم ۾ حصو وٺي عام ماڻھو ۾ بيمارين بابت سجاڳي پيدا ڪئي آھي.

مٽياريڊي سي مٽياري محمد يوسف شيخ ھالا گرلز ڪاليج جي ملازم خديجا ميمڻ جي خودڪشي ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ...
20/04/2024

مٽياري
ڊي سي مٽياري محمد يوسف شيخ ھالا گرلز ڪاليج جي ملازم خديجا ميمڻ جي خودڪشي ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏيندي ڪاميٽي جوڙي ڇڏي.
ڊي سي مٽياري واقعي جي جاچ لاء ڇھ رڪني ڪاميٽي جوڙي آھي،جيڪا واقعي جا ڪارڻ معلوم ڪندي ۽ اھڙن واقعن کي روڪڻ لاء به پنھنجون ڪوششون وٺندي ته جيئن آئندہ لاء خود ڪشي جي عمل کي ڪیئن بھتر روین سان بدلجي.
ڊي سي مٽياري طرفان جوڙيل ڪاميٽي جي چيئرپرسن گرلز ڪاليج مٽياري جي پرنسپال آھي، جڏھن ته ميمبرن ۾ اي سي ھالا، ای سی مٽياري ۽ ٻيا ميمبر شامل آھن.

مٽياريڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ مٽياري، ھالا ۽ سعيدآباد ۾ آر او پلانٽس کي فعال ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي.ڊي سي مٽياري م...
19/04/2024

مٽياري
ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ مٽياري، ھالا ۽ سعيدآباد ۾ آر او پلانٽس کي فعال ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي.

ڊي سي مٽياري محمد يوسف شيخ ٽنھي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي آر او پلانٽس کي فعال ڪرڻ جي ھدايت ڪندي چيو ته انساني زندگي لاء پاڻي انتھائي اھم آھي، پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ جا عملدار ۽ ٽنھي تعلقن جا اي سيز علائقن جي گڏيل وزٽ ڪن. اھڙو اظھار ھن ھڪ لاڳاپيل عملدارن جي ھڪ اھم گڏجاڻي ۾ ڪيو.

ڊي سي مٽياري وڌيڪ چيو ته عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراھم ڪرڻ اسان جي ذميوار آھي. آر او پلانٽس کي جلد کان جلد بحال ڪيو وڃي.

مٽياري /نيوسعيدآبادڊي سي مٽياري محمد يوسف شيخ نيو سعيدآباد تعلقي جي ڳوٺ عبدالطيف اڄڻ ۾ ڪالھ مٿان ڀت ڪرڻ سبب چئن معصوم ٻا...
14/04/2024

مٽياري /نيوسعيدآباد
ڊي سي مٽياري محمد يوسف شيخ نيو سعيدآباد تعلقي جي ڳوٺ عبدالطيف اڄڻ ۾ ڪالھ مٿان ڀت ڪرڻ سبب چئن معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ تي واقعي واري ھنڌ پھچي متاثر والدين سان تعزيت ڪري ساڻن ڏک ونڊيو، متاثر والدين ڊي سي مٽياري کي دانھن ڏيندي چيو ته الائجي ڪيتريون ٻوڏون آيون، ڪرونا بيماري آئي پر اسان جي علائقي ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪو به عملدار نه لڙيو، پراوھان جا وڏا وڙ جو تڏي تي آيا ۽ اسان مسڪينن سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک ونڊيو. ان موقعي تي ڊي سي مٽياري محمد يوسف شيخ مختيارڪار کي ھدايت ڪندي چيو ته فوت ٿي ويل ٻارن جا تفصيل گڏ ڪري ڏيو تہ جيئن متاثرن جو تدارڪ ڪري سگھجي. ٻي طرف ڊي سي مٽياري سعيدآباد مٽياري ھائي وي تي لڳايل ميڊيڪل ڪئمپ جو پڻ دورو ڪيو.

مٽياريڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ برساتن جي اڳڪٿي بعد ضلعي انتظاميه کي ھائي الرٽ ڪندي چيو آھي تہ لاڳاپيل عملو فيلڊ ۾...
13/04/2024

مٽياري
ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ برساتن جي اڳڪٿي بعد ضلعي انتظاميه کي ھائي الرٽ ڪندي چيو آھي تہ لاڳاپيل عملو فيلڊ ۾ رھي، ٻي صورت ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ مٽياري، هالا ۽ نيو سعيدآباد جي اسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي برسات دوران لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهن جي سخت ھدايت پڻ ڪئي. ھن چيو ته عوامي مسئلن جو حل اولين ترجيح آهي. نیو سعید آباد ۾ پیش آیل بس حادثي سبب زخمین جي ترت فرسٽ ایڊ ۽ متعلقہ ھیلٿ فیسلٽي ڏانھن حفاظت سان منتقل ڪرڻ جون ھدایتون جاري ڪیون۰ عید جي موڪل جي پڄاڻي تي میونسیپل سروسز، صحت، تعلیم ۽ ترقياتي ڪمن جو بہ جائزو ورتو ويندو.

Address

Hyderabad
07100

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SNN Channel posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share