30/08/2026
ڪراچي جي ميئر بئرسٽر مرتضيٰ وهاب ڪورنگي نمبر 5 ۾ لڳ ڀڳ 75 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل نئين فلائي اوور جو افتتاح ڪري ڇڏيو۔
فلائي اوور جي افتتاح وقت ميئر صاحب سان گڏ سنڌ جو وزيرِ بلديات ناصر حسين شاه ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جا ٻيا عهديدار پڻ موجود هئا۔
مرتضيٰ وهاب موجب نئون فلائي اوور ابراهيم حيدري، شاه فيصل ڪالوني، لانڍي ۽ ڪورنگي کي پاڻ ۾ ملائڻ ۾ مدد ڏيندو، جنهن سان شهرين کي آمدورفت لاءِ بهتر ۽ آسان رستي ذريعي سفري سھولت ملندي۔
ڪراچي جي ميئر بئرسٽر مرتضيٰ وهاب هن منصوبي کي "ڪراچي ورڪس" جي انتظام هيٺ شهر ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو حصو قرار ڏنو۔ هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلائي اوور جي تڪميل ڪراچي جي شهرين لاءِ بهتر سفري سهولتون ۽ ٽرانسپورٽ جي مضبوط رابطن طرف هڪ نئون قدم آهي۔
ياد رهي ته ان فلائي اوور (ڪورنگي نمبر 5) جو هڪ حصو ڪيترن سالن کان اڻ پورو هو ۽ فقط هڪ طرف جو فلائي اوور تعمير ٿيل هئو، جنھنتان اچڻ ۽ وڃڻ واري ٽريفڪ کي گذرڻ ۾ انتھائي ڏکيائي کي منھن ڏيڻو پوندو هو، ان فلائي اوور جو ٻيو حصو تعمير ڪرائي ميئر ڪراچي علائقي جي عوام جي دل کٽي ورتي آهي ۽ ان عمل سان سفري سھولت کي آرامده ۽ پرسڪون بڻائڻ جو هڪ ٻيو ڪريڊٽ پنھنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۔۔
Barrister Murtaza Wahab
Sindh CM House