12/01/2022
اڄ شام پريس ڪلب ميرپور خاص اڳيان مٽيندي Pti , مسلم ليگ فنڪشنل ۽ متحده جو گڏيل احتجاج ڏسي اسان فقيرن به ڦٽڦٽي سائيڊ ڪري ميڙ جو مزو ڏٺو احتجاج نئين بلدياتي نظام خلاف هو ٽنهي پارٽين جا مقامي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پنهنجن پنهنجن جهنڊن سان موجود هئا، اڳواڻن پيپلز پارٽئ تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو نئون بلدياتي نظام آڻي پيپلز پارٽي بلدياتي ادارن کي بي اختيار بنائي سنڌ ۾ ڀوتار بادشاهي ٿي چاهي جيڪا اسين ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين