Thar Affairs

Thar Affairs Tharparkar Social, Political, & Cultural Information and Latest News Hub. Copyright ©️ 2020 All Right

17/08/2024
ٿرپارڪر ضلعي سان تعلق رکندڙ اھي  آبادگار جن وٽ پنهنجي کاتي سروي زمين ڏھ ايڪڙ ايراضي آهي .  اھي ھن سونھري موقعي مان وڌ کا...
25/04/2024

ٿرپارڪر ضلعي سان تعلق رکندڙ اھي آبادگار جن وٽ پنهنجي کاتي سروي زمين ڏھ ايڪڙ ايراضي آهي . اھي ھن سونھري موقعي مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪن سروي نمبر ڏھ ايڪڙ ايراضي رکندڙ اپلاء ڪري سگهن ٿا .

30/12/2023

سابق وزیر اعلی ارباب غلام رحیم NA215 اور PS55 پر نامینیشن فارم بحال ہونے کے بعد میڈیا سے گفتگو کر رہے ہیں۔

16/12/2023

ننگرپارڪر ۾ مرچ ۽ بصر جو فصل ...!
ننگرپارڪر بصر جي پيداوار سنڌ بئراجي علائقن کان به وڌيڪ پيداوار ڏي ٿو سو به ايڪسپورٽ ڪوالٽي جو .....!

امر رائيسنگهه راجپوتٿر جو آيوشمان کُرانا؛ ڪَمليش ڪُمارڪنهن به آرٽسٽ جي حوصلي افزائي ڪرڻ کپجي نه ڪي حوصلي شڪني، اسان وٽ ا...
07/12/2023

امر رائيسنگهه راجپوت

ٿر جو آيوشمان کُرانا؛ ڪَمليش ڪُمار

ڪنهن به آرٽسٽ جي حوصلي افزائي ڪرڻ کپجي نه ڪي حوصلي شڪني، اسان وٽ اُلٽي گنگا آھي. ڪلهه کان سوشل ميڊيا تي هن نوجوان جي ادا ڪيل آرٽ جو مذاق اُڏايو پيو وڃي، ائين نه ڪرڻ کپجي..!

اچو ته هن ڪَلا جو قدر ڪريون، ۽ ڪَمليش ڪُمار جي هن لاجواب آرٽ ۽ سندس قدرتي سُونهن جي ساراھ ڪريون.. هن کي ڪَلا به قدرت ڏني آھي ته رُوپ به ڏاتار جي ڏيا آھي، جنهن تي قطعي ڪنهن کي اَرهو نه ٿيڻ کپجي، بلڪه سَرهو ٿيڻ کپجي ته اسان جي ريگستان جي سمنڊ ۾ اهڙا حَسين هيرا به رهن ٿا..

سونا وايا نه نيپجي، موتي نه لاگي ڏال

رُوپ اُڌارا نا ملي، ڀُوليو ڦري جمال

(سون پوکڻ سان ناهي ٿيندو. موتي وڻ جي ڏار ۾ ناهن لڳندا. سُونهن به اُڌاري ناهي ملندي اي جمال! تُون جڳ ۾ ڀُليو پيو ڦرين.)

سو هن ڀُليل جڳ جي ٺڳ ماڻهن کي ڀُل آھي ته ڪَمليش ڪو ڪِنو ڪم ڪيو آھي. هن پنهنجي ڪَلا جو پردرشن ڪيو آھي. هن عورت جو ڪردار ادا ڪندي عورت ٿي ڏيکاريو آھي اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي. هي اهڙي ڏات آھي جيڪا گهٽ ماڻهن کي مقدر ۾ ملندي آھي.

پيارا ڪَمليش..تُنهنجي اها وڊيو ڪلپ يا اهي ڦوٽُو بالي ووڊ تائين پهچن ته اُھي نه رڳو حيران ٿيندا پر توکي شاباش به ڏيندا ته تمام گهٽ خرچي تي ڪَمال جو ميڪپ ڪري هڪڙي مرد عورت جو جيڪو ڪردار ادا ڪيو آھي اهو واقعي ڪمالِ داد آھي. گووندا کان وٺي آيوشمان کُرانا تائين بالي ووڊ جا دڳج ايڪٽر به اهڙي اداڪاري يا اهڙو روپ ڌارڻ ڪري ناهن سگهيا جيڪو تو ڪري ڏيکاريو آھي.

پيارا ڪَمليش! دُنيا جي پرواھ ڪرڻ بغير پنهنجي ان ڪَلا کي جيئن جو تئين جاري رکجانءِ. آرٽ جو قدر آرٽ سان پيار ڪندڙ ئي ڪندا باقي خواھ مخواه ڪنهن جي دل رنجائڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته آرٽ ڇا آھي؟ سُرن تي سِر ڪيئن ڏبا آھن؟ ڪَلا جي جَلا ڪيئن دلين تي راڄ ڪندي آھي؟

ڪٿي ائين نه ٿئي جو واندي خلق جي مذاق مستيءَ جي ڪري هي هونهار نوجوان اسٽريس ۾ هليو وڃي ۽ پنهنجي تعليم ۽ ڪَلا تان هٿ کڻي، ان ڪري اچو ته هن نوجوان جي حوصلي افزائي ڪندي کيس اهو بانور ڪرايون ته تو جيڪو ڪم ڪيو آھي اهو گهڻن جي وس جي ڳالهه ناهي. چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آھي..

ويلڊن ڪَمليش ڀاءُ!!

07/10/2023
20/09/2023

Address

Mithi Tharparkar
Mithi
69230

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Thar Affairs posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Thar Affairs:

Share