Meeran Machhi

Meeran Machhi Village "MEERAN MACHHI"
District Qamber shahdadkot sindh
Tahsil Merokhan
Rural Area

ضلع قمبر شهدادڪوٽ (ايٽ قمبر)ميرڻ ماڇي کان دوست علي روڊ جي خراب صورتحال سبب ڪڻڪ سان ڀريل ٽريڪٽر واٽر ڪورس ۾ ڪلٽي ڊرائيور ...
06/05/2026

ضلع قمبر شهدادڪوٽ (ايٽ قمبر)
ميرڻ ماڇي کان دوست علي روڊ جي خراب صورتحال سبب ڪڻڪ سان ڀريل ٽريڪٽر واٽر ڪورس ۾ ڪلٽي ڊرائيور محفوظ

تمام محترم معززين کي ،
ادب سان عرض آهي ته تعلقو ميروخان جي يونين ڪائونسل کبڙ ۾ واقع ميرڻ ماڇي کان دوست علي تائين ويندڙ روڊ گذريل ڪيترن ئي سالن کان انتهائي خراب حالت جو شڪار آهي۔ هن روڊ جي بدترين صورتحال سبب علائقي واسين کي روزاني آمد رفت ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ هن روڊ تي کڏا، مٽي ۽ برساتي پاڻي بيهڻ ڪري حادثن جو خطرو وڌي ويو آهي، جڏهن ته ايمرجنسي حالتن ۾ مريضن کي اسپتال پهچائڻ به ڏکيو ٿي پوي ٿو۔ شاگردن، مزدورن ۽ واپارين لاءِ به هي روڊ وڏي پريشاني جو سبب بڻيل آهي۔ علائقي جا رهواسي ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪري چڪا آهن، پر اڃا تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي۔ ان ڪري اوهان کي گذارش آهي ته ميرڻ ماڇي کان دوست علي روڊ جي فوري مرمت ۽ تعمير لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن ته جيئن علائقي جي عوام کي هن وڏي تڪليف کان نجات ملي سگهي۔

مهرباني ڪري هن اهم عوامي مسئلي تي جلد کان جلد ڌيان ڏئي ان تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي۔
تعلقو: ميروخان ضلعو: قمبر شهدادڪوٽ (ايٽ قمبر)
تاريخ:__2026_05__06




23/01/2026

قمبر کان ميرڻ ماڇي تائين روڊ ڪڏھن ٺھندو
منٽن جي برسات جي صورتحال اوھان اڳيان.




14/01/2026

ميرڻ ماڇي ۾ منظور ٿيل
اسڪيم
ٽن گهرن جي ذاتي استعمال ۾ پوري .
ڳوٽ جون گهٽيون رولھڙي جو شڪار.
ڳوٺاڻن سڄي ڪم جو ذميوار يوسي چيئرمين شبير مگسي ۽ مخدوم مگسي کي قرار ڏئي ڇڏيو.
وڌيڪ
ٽيڪيدار جي ڇاڙتي جي زباني ٻڌو.






اسلام عليڪم دوستو ھي ڏسو پي پي جي حڪوت ۾ ڳوٺ جو وڏيرو ڳوٺ جو پيور پنھنجي گھر اندر کڻي وڄي رھيو آھي جڏھن ب ڳوٺ ميرڻ ماڇي ...
13/01/2026

اسلام عليڪم دوستو ھي ڏسو پي پي جي حڪوت ۾ ڳوٺ جو وڏيرو ڳوٺ جو پيور پنھنجي گھر اندر کڻي وڄي رھيو آھي
جڏھن ب ڳوٺ ميرڻ ماڇي ۾ پيور جي اسڪيم ايندي آھي صرف وڏيرن جا گھر ۽ اوطاقن ۾ پيور لڳندا آھن وڏي افسوس سان ٿو چوڻو ٿو پوي ت ڳوٺ ميرڻ ۾ صرف وڏيرن جي لاء پيور اسڪيم ايندي آھي ڇا

پ پ جي قيادت کان جواب جا منتظر آھيون.




قمبر شهدادڪوٽبرساتي ٻوڏ کي چوٿون سال شروع پر هن وقت تائين سنڌ سرڪار برسات متاثرن کي گهر به نه ٺهرائي ڏئي سگهي گهر ٺهرائڻ...
22/12/2025

قمبر شهدادڪوٽ
برساتي ٻوڏ کي چوٿون سال شروع
پر هن وقت تائين سنڌ سرڪار برسات متاثرن کي
گهر به نه ٺهرائي ڏئي سگهي
گهر ٺهرائڻ جو ٺيڪو اين جي اوز سرسو کي ڏنو ويو هو
پر سرسو انتظاميان ڪرپشن جي حد ڪري ڇڏي
برسات ۾ متاثر ٿيل گهر هن وقت نه ٺهرائي ڏئي سگهي
سروي ۾ جن جن جا نالا آيا
انهن کي اهو چئي جواب ڏنو ويو آهي ته
قسط مان اڌ ڏيندئو ته ٻئي قسط ايندي نه ته گهر وڃي ويهو
ڪم از ڪم پنج سوء اهي نالا پاس ڪيا ويا آهن
جن گهر ته ڇا پر ڪبوترن جو هڪ کڏ به نه ٺهرايو آ
انهن کي ٽئي قسطون ڏنيون ويون آهن
۽ جن ڊي پي سي ۽ لنٽر تي تائين گهر ٺهرايا آهن
انهن کي سرسو آفيس جي گيٽ تي درپدر ڪيو پيو وڃي
جاگير جا تقريبن متاثر آفيس جا چڪر ڪٽڻ تي مجبور
جن گهر ئي نه ٺهرايو آ انکي ٽئي قسطون مليون آهن اڌ تي
۽ اسان کي ڏيڍ سال ٿيو آ ڊي پي سي ٺهرائيندي پر
قسط نه پئي ڏني وڃي
انجنيئر ايجنٽ پيا موڪلن ته اڌ تي ها ڪيو ته نالو پاس ڪيون
آفيسرن اڳيان دانهي دانهي ٿڪجي پيا آهيون
پر اهي به انهن انجنيئرن سان ٻٽ بڻيل آهن ۔ متاثر
سرسو جي ڊي ايم کي انهن ماڻهن جا نالا به ڏنا آهن
پر ڪا به عملي ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي
اهي ئي انجنيئر پنهنجن حدن ۾ ساڳو ڪم ڪري رهيا آهن
ڊي ايم صاحب به مسئلا حل ڪرڻ کان نٽائڻ لڳو
اڄ به عوام سرسو آفيس جا ڌڪا کائڻ تي مجبور








21/12/2025

ميرڻ ماڇي روڊ پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھن وقت تائين ناھي ٺھي سگھيو.
سنڌ جي زوال جو پنجاب جي ترقي سان ڪيئن مقابلو ڪجي ؟

ھن نوجوان دل وٽان ڳالھايو آھي.
ٻڌو ۽ شيئر ڪريو.





20/12/2025

Follow Meeran Machhi Official ✅'s WhatsApp channel. ‎هن چينل ميرڻ ماڇي آفيشل جي ٺهڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن پنهنجي علائقي يا يوسي کبڙ جي هر ننڍي وڏي مسئلي کي ڀرپور طريقي سان وائکو ڪيو وڃي.
هن جنگ ۾ اوهان دوستن جو ساٿ گهرجي ٿو چينل کي وڌ کان وڌ فالو ڪيو ۽ ڪرايو.🙏.‎ Join 14 followers for the latest updates.

🚨 ضلع قمبر شہدادکوٹ – موبلنک (Jazz) کی ناقص سروس 🚨ضلع قمبر شہدادکوٹ کے علاقے مِیرن ماچھی میں موبلنک (Jazz) ٹاور کی سروس ...
20/12/2025

🚨 ضلع قمبر شہدادکوٹ – موبلنک (Jazz) کی ناقص سروس 🚨

ضلع قمبر شہدادکوٹ کے علاقے مِیرن ماچھی میں موبلنک (Jazz) ٹاور کی سروس انتہائی خراب ہو چکی ہے۔
حالت یہ ہے کہ نیٹ ورک دن میں صرف 5 سے 6 گھنٹے دستیاب ہوتا ہے۔

متعدد بار شکایات کے باوجود: کوئی سننے والا نہیں
کوئی عملی کارروائی نہیں
عوام کو شدید مشکلات کا سامنا

کاروبار، ایمرجنسی کالز اور روزمرہ رابطہ بری طرح متاثر ہیں۔
یہ کھلی نااہلی اور عوام کے ساتھ ناانصافی ہے۔
صارفین کا مطالبہ ہے کہ موبلنک انتظامیہ فوری نوٹس لے اور ٹاور کی سروس مستقل بنیادوں پر بحال کرے۔ PTA اور ضلعی انتظامیہ اس مسئلے کا فوری حل یقینی بنائے۔

📍 مقام: مِیرن ماچھی
📍 ضلع: قمبر شہدادکوٹ








17/12/2025

سيد لعل شاھ بخاري جي ميلي جو وڊيو

جڏھن اسين ننڍا ھوندا ھئاسين ان وقت سيد محبوب علي شاھ جو ميلو لڳندو ھئو
ھاڻ محبوب شاھ جي ميلي نه لڳڻ سان ھن ميلي ۾ رونق آئي آھي.

ٻئي ميلا دوست علي نائچ جي ڀرسان لڳندا ھئا .

قمبر شھدادڪوٽ جيڪي بہ ھڪ کان چار وارا آرڊر مليا آھن حقدارن کي ھڪ بہ نہ مليو سڀ آرڊر پيپلزپارٽي عھديدارن جي مائٽن ۽ پيسن ...
13/12/2025

قمبر شھدادڪوٽ
جيڪي بہ ھڪ کان چار وارا آرڊر مليا آھن حقدارن کي ھڪ بہ نہ مليو سڀ آرڊر پيپلزپارٽي عھديدارن جي مائٽن ۽ پيسن تي وڪڻيا ويا آھن بلاول ڀٽو نوٽس وٺي .




Address

Qambar Ali
933628

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Meeran Machhi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Meeran Machhi:

Share