29/08/2026
سنڌ پبلڪ پارٽي جي گڏجاڻي، پارٽي پيغام گھر گھر پهچائڻ جي هدايت
ٽنڊو محمد خان: سنڌ پبلڪ پارٽي جي ڪنوينر اشفاق سرهندي چيو آهي ته سنڌ پبلڪ پارٽي ڪنهن جي مخالفت ۾ نه، پر پنهنجي سياسي مقصدن ۽ اصولن تحت پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پارٽي گڏجاڻي دوران ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته منزل حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
اشفاق سرهندي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته پارٽي جو پيغام ۽ منشور گھر گھر تائين پهچايو وڃي ۽ عوام سان رابطا وڌيڪ مضبوط ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪارڪن پارٽي جي تنظيم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.
گڏجاڻي ۾ زبير احمد شيخ، غلام ياسين سمون، محمد يعقوب ڳاهو، وسيم نظاماڻي، محمد جمن قمبراڻي، مختيار جمالي، ذوالفقار گھمراڻي، فقير محمد خاصخيلي، راوت ٺاڪر، نعمت الله سيال، ستار نوتيار، سانول گوپانگ ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.