07/02/2026
"فلسفو پڙهڻ ڇو ضروري آهي؟"
فلسفو پڙهڻ، ذهن کي بيدار ڪرڻ ۽ روح کي روشني ڏيڻ جو نالو آهي. جڏهن توهان فلسفو پڙهندا آهيو، توهان هزارين سالن جي انساني دانائيءَ سان ڳنڍجي ويندا آهيو، اها دانائي جيڪا افلاطون جي اٿينس جي اڪيڊمي کان وٺي، ڪانٽ جي پروشيا جي لائبريري تائين پهتي. افلاطون چيو: "بغير سوچ جي زندگي، زندگي ئي ناهي." فلسفو توهان کي سوچڻ سيکاري ٿو، ۽ سوچڻ ئي آزاديءَ جي پهرين سيڙپ آهي. سقراط چيو: "مان ڪجھ به نٿو ڄاڻان، پر اهو ئي منهنجي دانائيءَ جي شروعات آهي." فلسفو عاجزي سيکاري ٿو، ڇو ته سچ جي ڳولا ۾ سڀ کان پهريان پنهنجون غلط فهميون ٽوڙڻيون پونديون آهن. ارسطو چيو: "تعجب، فلسفي جي شروعات آهي." جڏهن توهان دنيا تي حيران ٿيڻ شروع ڪندا آهيو، تڏهن ئي حقيقي سکيا شروع ٿيندي آهي. ايمانيوئل ڪانٽ چيو: "سوچڻ سکيو، پر ٻين جي سوچ جو احترام ڪرڻ به سکيو." فلسفو ذهن کي کولي ٿو، پر دل کي به نرم ڪري ٿو.
دوستو، ڪتابن ۾ رڳو لفظ نه هوندا آهن، پر صدين جي محنت، تجربي ۽ فڪر جي روشني هوندي آهي. جڏهن توهان فلسفو پڙهندا آهيو، توهان پاڻ کي صرف دنيا لاءِ نه پر پنهنجي لاءِ به بهتر بڻائيندا آهيو. فلسفو پڙهو، ڇوتہ اهو توهان کي سوال ڪرڻ جي جرئت ڏيندو، اهو توهان کي جواب ڳولڻ جي صلاحيت ڏيندو، ۽ اهو توهان کي دنيا ۽ پاڻ سان انصاف ڪرڻ سيکاريندو. "جيڪو فلسفو پڙهندو، اهو پنهنجي قسمت پاڻ لکي سگهندو."
جيڪڏھن ڳالهه ڪجي فلسفي پڙهڻ جي ته هيٺان ٻه اهم ڪتاب آهن، جن سان توهان کي فلسفي جي معلومات ملندي. پهريون، "The Story of Philosophy" – Will Durant، جنهن جو انداز سولو ۽ قصن وانگر دلڪش بيان آهي، ۽ مواد ۾ فلسفي جي وڏن ماڻهن جون حياتيون ۽ سندن فڪر هڪ دلڪش انداز ۾ پيش ڪيل آهن. هي ڪتاب نون پڙهندڙن لاءِ مناسب آهي جيڪي فلسفي کي دلچسپ انداز ۾ سمجهڻ چاهين ٿا ۽ پڙهڻ سان توهان کي وڌيڪ سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو. ٻيو، "History of Western Philosophy" – Bertrand Russell، جنهن جو انداز تجزياتي، تنقيدي ۽ ڪڏهن ڪڏهن طنزيه آهي. مواد ۾ قديم يونان کان جديد دور تائين فلسفي جو مڪمل جائزو، مصنف جي پنهنجي راءِ سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب انهن پڙهندڙن لاءِ مناسب آهي جيڪي فلسفي جي تاريخ ۽ خيالن کي گهري سمجهڻ چاهين ٿا ۽ سوچڻ جو نئون انداز سيکاريندو، رڳو ڄاڻ نه ڏيندو.
جيڪڏهن توهان شروعات کان پڙهڻ چاهيو ٿا ته Will Durant سان شروع ڪريو، ۽ جيڪڏهن توهان کي اڳئي فلسفي جو ٿورو پسمنظر آهي ته Bertrand Russell پڙهو.