Weechar

Weechar Awareness, Social Issues

پيپلزپارٽي سال ۾ هڪ دفعو اسيمبلي اندر تقريري مقابلو ڪرائي ٺشون ٺشون ڪرائي، اسان  کي هڪ ڏينهن جا هيروز ٺاهي ڏيندي آهي...ڪ...
09/03/2026

پيپلزپارٽي سال ۾ هڪ دفعو اسيمبلي اندر تقريري مقابلو ڪرائي ٺشون ٺشون ڪرائي، اسان کي هڪ ڏينهن جا هيروز ٺاهي ڏيندي آهي...

ڪبير ڀيل


توهان تقريرون نه تاريخي وطن جي دفاع لاء تدبيرون اختيار ڪيو.تدبيرن جي سوديبازي ڪري خالي تقريرن ۾ عوام کي بيوقوف نه ٿا بڻا...
09/03/2026

توهان تقريرون نه تاريخي وطن جي دفاع لاء تدبيرون اختيار ڪيو.
تدبيرن جي سوديبازي ڪري خالي تقريرن ۾ عوام کي بيوقوف نه ٿا بڻائي سگهو.

سيف الرحمان درويش


سنڌ ۾ تقريرون ڪرڻ وارا قومپرست گهڻا ئي موجود آهن, توهان قومپرست نه ٿيو, توهان جا چتڙ قومپرستن وانگر پوليس جون لٺيون ۽ لا...
09/03/2026

سنڌ ۾ تقريرون ڪرڻ وارا قومپرست گهڻا ئي موجود آهن, توهان قومپرست نه ٿيو, توهان جا چتڙ قومپرستن وانگر پوليس جون لٺيون ۽ لانگ بوٽن جا ٿڏا برداشت ڪري نه سگهندا.

ڊاڪٽر برڪت نوناري


08/27/2026

صالح محمد ڳوٺ ضلعي ملير جي رهائشي علائقن ڀرسان ڪارخانا ۽ صنعتون ـ انساني صحت لاءِ وڏو خطرو

ڳوٺن، شهرن ۽ رهائشي علائقن جي بلڪل ويجهو ڪارخانا، فيڪٽريون ۽ ڳريون صنعتون قائم ٿيڻ سان انساني صحت ۽ ماحول تي سنجيده اثر پئجي سگهن ٿا.

فضائي آلودگي سبب ماڻهن ۾ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، دمہ، الرجي، اکين ۽ ڳلي ۾ جلن، ڦڦڙن ۽ دل جون بيماريون وڌڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. خاص طور تي ٻار، بزرگ، حامله عورتون ۽ اڳ ۾ بيمار ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا.

صنعتي گندو پاڻي جيڪڏهن درياهن، واهن، تلائن يا زميني پاڻي ۾ ڇڏيو وڃي ته پيئڻ جو پاڻي آلوده ٿي سگهي ٿو، جنهن سان مختلف بيمارين جو خطرو وڌي سگهي ٿو. ساڳئي طرح صنعتي فضلو زمين جي زرخيزي، فصلن، جانورن ۽ مجموعي ماحولياتي نظام کي نقصان پهچائي سگهي ٿو.

ڪارخانن مان پيدا ٿيندڙ گوڙ، ڌپ ۽ مسلسل ڳري ٽريفڪ به رهواسين جي روزاني زندگي، ننڊ ۽ ذهني سڪون تي خراب اثر وجهي سگهي ٿي.

ترقي ضرور ٿيڻ گهرجي، پر اهڙي ترقي نه جيڪا انسان جي صحت، صاف هوا، پيئڻ جي پاڻي ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي.


#ويچار

08/22/2026

جيڪو صوبو پاڪستان جي معيشت جو ڦيٿو هلائي ٿو، ڇا ان کي پنهنجو پورو حق ملي رهيو آهي؟

سنڌ ملڪ جي آمدني، واپار ۽ قدرتي وسيلن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، پر پوءِ به سنڌ جا ماڻهو بنيادي سهولتن کان محروم آهن. سنڌ ڪنهن کان خيرات نه ٿي گهري؛ سنڌ کي پنهنجو آئيني، معاشي ۽ جائز حق گهرجي.

مهرباني منزي معين
Courtesy : Muneezay Moeen
Muneezay Moeen


اسان کي صرف سنڌ کي تباھ ڪرڻ جو ٺيڪو مليل آھي، پنجاب جي خلاف ڪنھن سازش جو سوچي بہ نٿو سگهان.بلاول زرداري (گهنٽي ڦاٽڪ)    ...
08/22/2026

اسان کي صرف سنڌ کي تباھ ڪرڻ جو ٺيڪو مليل آھي، پنجاب جي خلاف ڪنھن سازش جو سوچي بہ نٿو سگهان.

بلاول زرداري (گهنٽي ڦاٽڪ)


مان اھو پيو سوچيان ته جيڪڏھن ھي سنڌ کي ورھائڻ جون ڪوششون تيز ڪندا، سنڌ جي وسيلن تي پنھنجو قبضو وڌيڪ مضبوط ڪندا ۽ اسان جي...
08/22/2026

مان اھو پيو سوچيان ته جيڪڏھن ھي سنڌ کي ورھائڻ جون ڪوششون تيز ڪندا، سنڌ جي وسيلن تي پنھنجو قبضو وڌيڪ مضبوط ڪندا ۽ اسان جي سياسي اختيار کي وڌيڪ محدود ڪندا، ته پوءِ ان وقت اسان سنڌي ماڻھو ڇا ڪري رھيا ھونداسين؟

سيف سميجو


08/20/2026

سنڌ جا صحافي غيرت ڪڏهن ڪندا ؟ وطن کان مٿي ڪا شئي ناهي .

اڳ اخبارون رڳو ڪالا باغ ڊيم جا اشتهار ڇاپڻ جي ڪوشش ئي ڪنديون هيون ته غيرت مند سنڌي صحافي اخباري مالڪن جي منهن توڙي نوڪريِء تي ٿڪ هڻي کين سنڌ دشمن قرار ڏيندا هئا .. پر هاڻي ARY توڙي دنيا نيوز مٿان سنڌ جي وڪيلن ته ٿڪون هڻي کين ڀڄڻ تي مجبور ڪيو آهي پر سنڌ جي صحافين کين شٽ اپ ڪال ناهي ڏني . وڊيو اڄ جي ڪراچي ۾ احتجاج جي آهي جتي اي آر ائي چينل وارا جي وڌيڪ بيهن ها ته پڪ سان موچڙا کائن آ .. سڄي سنڌ م انهن ٻنهي چينلن جي لوگو ۽ چينل کان نفرت جو اظهار ڪرڻ اسان جو فرض آهي.

ايڊوڪيٽ سهيل ميمڻ

سنڌ جي وحدت نہ رھي تہ سنڌ پنھنجو سمنڊ، بندرگاہ، دریاھُ، جاگرافي، زمین جي مالڪي، ٻولي، ڪارونجھر، کیرٿر، قدرتي وسیلا ۽ قوم...
08/07/2026

سنڌ جي وحدت نہ رھي تہ سنڌ پنھنجو سمنڊ، بندرگاہ، دریاھُ، جاگرافي، زمین جي مالڪي، ٻولي، ڪارونجھر، کیرٿر، قدرتي وسیلا ۽ قومي وجود بچائي نہ سگھندي!

جامي چانڊيو


Address

B721
Columbia, SC
803

Telephone

+15188078430

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Weechar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Weechar:

Shortcuts

Share